English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سيٺارجا ويجهو شهيد اي ايس آءِ جو مڙهه جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي
21 views
|
17th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
شهيد جي جنازي نماز ۾ پوليس عملدارن، رينجرز جوانن ۽ اهلڪارن جي وڏي انگ ۾ شرڪت
سيٺارجا ويجهو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ڏوهارين هٿان گزريل رات دير سان سيٺارجا ٿاڻي جي اي ايس آئي امير بخش سوڍڙو کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو ، شهيد اي ايس آئي امير بخش سوڍڙو جي جناز نماز درگاھ پير علي شير تي ادا ڪئي وئي جناز نماز ۾ ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو ،اي ايس پي گمبٽ نعمان ظفر ، شهباز رينجرز 93 ونگ جي ميجر عمار ، ڊي ايس پي سٽي اشتياق احمد آرائين ، ڊي ايس پي پارس بخراڻي، ڊي ايس پي فراز علي ميتلو ، ڊي ايس پي زاهد حسين ميراڻي ، ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو نظير احمد سومرو ، ڊي آئي بي انچارج خيرپور علي گل ملاح ۽ ٻين سينيئر پوليس عملدارن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن تہ شهيد اي ايس آئي کي ايس ايس پي خيرپور جي اڳواڻي ۾ پوليس اهلڪارن پاران سلامي پيش ڪئي وئي ۽ ايس ايس پي پاران شهيد جي مڙھ تي گلن جي چادر چاڙهي وئي جڏهن تہ شهيد اي ايس آئي جون آخري رسمون ادا ڪيون پيون وڃن جنهن بعد سندس مڙھ ڪجھ دير ۾ اباڻي قبرستان پير علي شير ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو ياد رهي تہ گذريل رات دير سان ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ڄامڙا برادري جي ٻن ڌرين جي هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ اي ايس آئي امير بخش سوڍڙو کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو جڏهن تہ ايس ايس پي خيرپور موجب جلد شهيد اي ايس آئي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گهرن تي چڙهائي ڪري مورچا ختم ڪرايا ويندا ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ شهيد جو خون رائيگان نہ ٿيڻ ڏينداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں مشتعل افراد کا حملہ، انسداد تجاوزات کا ٹرک نذرِ آتش
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ فرينڊز فورم پاران دبئي ۾ سنڌ جي هزارين سالا شاندار تاريخ رکندڙ ثقافت جو ڏھاڙو ملھايو ويو
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي سنڌ جي ڪچي جو نو لکو ھار آھي. ڪراچي ۾ ڪنهن بہ ھٿ وڌو ڪراچي کان ڪشمور تائين روڊ رستا بند ڪري سنڌ جام ڪري ڇڏينداسين: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سيٺارجا
ڄامڙو
امير بخش سوڍڙو
0 تبصرے