English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جماعت اسلامي سنڌ پاران پيٽرول اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي پهچائڻ جو مطالبو
156 views
|
16th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڊالر ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي باوجود روزاني استعمال وارين شين ۽ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ گهٽتائي کان عوام محروم آهي: محمد حسين محنتي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي پيٽرول ۽ ڊالر جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو ٽرانسپورٽ ڀاڙن، اٽي، دال، کنڊ سميت عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي حقيقي فائدو پهچائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڊالر 335 کان 275 ۽ پيٽرول 333 کان 283 رپين تي پهچڻ کان پوءِ هٿراڌو مهانگائي، ناجائز منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي ڪرڻ وارن واپارين ۽ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري پرائس ڪنٽرول ڪميٽين کي فعال بڻايو وڃي. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته مهانگائي جي ڪري اڄ هر فرد پريشان آهي، مهانگائي عالمي مسئلو واري ڳالهه کي تسليم ڪجي تڏهن به پاڪستان ۾ هٿراڌو مهانگائي ۽ پنهنجي پسند جا اگهه مقرر ڪري روزاني واهپي وارين شين جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ٿو وڃي، هاڻي جڏهن ڊالر ۽ پيٽرول 50 رپين تائين گهٽ ٿي چڪو آهي ته ان جو فائدو عوام کي پهچايو وڃي، حڪومت جي ذميواري آهي ته حڪومتي رٽ کي قائم ۽ اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جوڳا انتظام ڪري عوام کي ريليف فراهم ڪيو وڃي. روزاني استعمال وارين شين ۽ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ ڪمي نه هئڻ جي ڪري عوام حقيقي رليف کان محروم آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي پهچائي ته جئين مهانگائي، بيروزگاري کان تنگ عوام سُک جو ساهه کڻي سگهي.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
امير جماعت اسلامي
سنڌ
ايم اين اي
محمد حسين محنتي
0 تبصرے