دادو ۾ جشن عيد ميلادالنبي صھ جي سلسلي ۾ پروگرام منعقد

جشن عيد ميلادالنبيﷺ جي خوشي ۾ امداد حسين ميمڻ مخدومي ۽ فداحسين ميمڻ جي خاص شرڪت

دادو ۾ جشن عيد ميلادالنبي صھ جي سلسلي ۾ پروگرام منعقد

دادو (عبدلعزيز ٻٻر) ماھ ربيع الاول جو سموري مهيني ۾ ٻنهي جهانن جي سردار آقاء نامدار جي آمد جي خوشي ۾ عاشقان رسول پاران شهر ، جهر جهنگ واهڻ وستي ۾ آقا جي آمد جي سلسلي ۾ جشن عيد ميلادالنبيﷺ جا پروگرام منعقد ڪيا وڃن ٿا ميلادالنبيﷺ جي خوشي ۾ ايڊيشنل آفيس سپرنٽينڊنٽ سيشن ڪورٽ دادو امداد حسين ميمڻ مخدومي ۽ فداحسين ميمڻ، محمد بلال هائوس پيربخش ڪالوني دادو پاران جشن عيدالميلاد نبي جو پروگرام زير صدارت حضرت سجاده نشين درگاه فضل الاهي جي حضرت مخدومي اظهارالحق صديقي نقشبندي جي منقد ڪيوويو جنهن ۾ اهلسنت و جماعت جي مشهور عالم دين ۽ سنڌ جي مشهور نعت خوانن وڏي تعداد ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي پروگرام ۾ آيل نعت خوان سيد محبوب شاه قاسمي ، فقيرطارق قلندري ، ماموغلام نبي پنهور، فقير نعيم احمد ملاح مخدومي ، حافظ غلام ياسين ، اسراراحمد ڪابورو ۽ ٻين سرڪار جي سيرت مبارڪ تي روشني وجهندي چيو ته هيء ڪل ڪائنات خداوند ڪريم خلقي ئي حضور پاڪ ﷺ جنجي طفيلي آهي ۽ انجي آمد جي خوشي ڪرڻ وارا خوشنصيب آهي جن پروگرام ۾ خصوصي شرڪت ڪري خطاب فرمايو پروگرام ۾ سنڌ جي مشهور نعت خوانن ۽ ٻين حضور پاڪ ﷺجي شان ۾ نعتون پڙهي نظرانه عقيدت جا گل پيش ڪري پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا پروگرام ۾ آيل مهمانن ۽ سموري جماعت لاء لنگر جو پڻ خاص بندوبست ڪيو ويو هو پروگرام ۾ مختلف ڳوٺن مان سون جي تعداد ۾ آيل آقا نبيء جا غلام هٿن ۾ ساوا جهنڊا کڻي ۽ سينين تي يارسول الله ﷺ جا بيج هڻي پروگرام ۾ پهتا ۽ پروگرام ۾ هر طرف مرحبا يا مصطفیٰﷺ مرحبا يارسول الله ﷺ ۽ سرڪار جي آمد مرحبا جا نعرا گوجندا رهيا