اڳوڻو ايم اين اي اياز علي شاھھ شيرازي جون ٺٽي ۽ مڪلي ۾ مختلف ماڻھن سان تعزيتون

اياز علي شاھھ شيرازي مڪلي ۾ حاجي شفيع محمد ڪھيو سان ڏوھٽي جي وفات تي تعزيت ڪئي

اڳوڻو ايم اين اي اياز علي شاھھ شيرازي جون ٺٽي ۽ مڪلي ۾ مختلف ماڻھن سان تعزيتون

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) سابقه ايم اين اي سجاول سيد اياز علي شاھ شيرازي ٺٽي پھچي مڪلي ۽ ٺٽي ۾ مختلف ھنڌن تي تعزيتون ڪيون، مڪلي ۾ حاجي شفيع محمد ڪھيو سان سندس ڏوھٽي عبدالطيف ڪھيو جي وفات تي حاجي شفيع محمد ڪھيو ۽ محمد ايوب ڪھيو سان عذرخواھي ڪئي، ان موقعي تي محمد خان ملاح، عبدالغني قريشي، ڦل ڪھيو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا، جڏھن تہ سيد اياز علي شاھ شيرازي پاران ٺٽي ۾ منظور بابو عابداڻي سان سندس والده جي لاڏاڻي، ڪاشيگر محلي ۾ عبدالقيوم شيخ ۽ عبدالعزيز شيخ سان سندن ڀاڄائي جي وفات تي تعزيت ڪري ڏکويل خاندانن سان ڏک جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي نور محمد بلوچ، شبير احمد جوکيو، حسن علي عابداڻي، حيدر علي عابداڻي ۽ ٻيا معززين پڻ موجود ھئا، ٻئي طرف ٺٽي جي نوجوان عبدالوهاب شيخ پاران سابقه ايم اين اي سيّد اياز علي شاھ شيرازي کي سندس والد مرحوم الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي هٿ سان پينٽنگ ڪيل تصوير جو تحفو پيش ڪيو، جتي سيد اياز علي شاھ شيرازي سندس جذبي جي واکاڻ ڪندي سندس شاندار محنت ۽ محبت تي شڪريو ادا ڪيو.