سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران ڪراچي ۾ ڊبليو ڊبليو ايف ويٽ لينڊ سينٽر جو دورو

اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر سيمي ايزدي پنهنجي ٽيم سان گڏ تقريب ۾ بھ شرڪت ڪئي

سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران ڪراچي ۾ ڊبليو ڊبليو ايف ويٽ لينڊ سينٽر جو دورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر سيمي ايزدي پنهنجي ٽيم سان گڏ پاڪستان ۾ مينگروز جي تحفظ ۽ مستقبل جي صورتحال بابت اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.تقريب ۾ سينيٽر سيمي ايزدي، سينيٽر ڊاڪٽر محمد همايون مهمند، سينيٽر خالده عطب ۽ سينيٽر عابده محمد عظيم سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.اجلاس کي ڊائريڪٽر جنرل WWF پاڪستان حماد نقي خان خطاب ڪيو.هن ڪميٽي کي پاڪستان جي ماحولياتي گدلاڻ تي بريفنگ ڏني. خان انڊس ڊيلٽا واري علائقي ۽ مينگروز جي تحفظ جي اهم اهميت کي به اجاگر ڪيو. هن ڪميٽي کي پاڪستان جي موسمي خطرن بابت آگاهه ڪيو. حماد خان انڊس ڊيلٽا واري علائقي ۽ مينگروز جي تحفظ جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. سينيئر مئنيجر ڪنزرويشن WWF سنڌ الطاف شيخ ڪميٽي کي پاڪستان ۾ WWF جي پروگرامن جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو. ٻيلي کاتي جي چيف ڪنزرويٽر رياض احمد وگن، مينگروز جي تحفظ ۽ ان جي مستقبل سميت ماحولياتي ۽ معاشي فائدن ۾ ٻيلي کاتي جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.