دادو جي روشني هاءِ اسڪول ۾ موسمي اثرن جي عنوان ھيٺ ڊرائنگ مقابلو

هينڊز آرگنائيزيشن جي مالي سھڪار ۽ ھيلپ ايج پاران مقابلي جو پروگرام منعقد ڪرايو ويو

دادو جي روشني هاءِ اسڪول ۾ موسمي اثرن جي عنوان ھيٺ ڊرائنگ مقابلو

دادو( عبدلعزيز ٻٻر) روشني هاءِ اسڪول ۾ هينڊز آرگنائيزيشن جي مالي سھڪار ھيلپ ايج پاران موسمي اثرات جي عنوان تحت ڊرائنگ مقابلي جو پروگرام منعقد ڪيو ويو. پروگرام جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ڪئي وئي. پروگرام ۾ 20 شاگردن شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ ڊاڪٽر عزيز احمد ٻٻر (ڊي ايم هينڊز آرگنائيزيشن) ۽ (ٽي اي او جوهي) اُم ڪلثوم کي خاص مهمان طور دعوت ڏني وئي. آخري ٽاپ 3 شاگردن پوزيشن حاصل ڪئي. هينڊز آرگنائيزيشن پاران ٽاپ ٽين پوزيشن هولڊرز ۾ شيلڊون ورهايون ويون ۽ شاگردن ۽ معزز استادن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. پروگرام جي آخر ۾ آصف علي (ايڊمن)، عقيل لغاري (پروگرام آفيسر) ۽ ميڊم ڪونج نوناري (ايڇ ايم) تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ اهڙن پروگرامن جو انعقاد لازمي آهي. اميد ته اسڪول ۾ ان قسم جا پروگرام ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين . پروگرام جي آخر DEC Phase II HANDS / HelpAge Projet جي ساٿين سڀني جو شڪريو ادا ڪيو