جماعت اسلامي وفد جي چيف سيڪريٽري سنڌ فخر عالم سان ملاقات

غير جانبدار آفيسر مقرر، سارين جي ٽڪي ملھ توڙي ناجائز ڪٽوتي ۽ ڪرپشن جو نوٽس وٺڻ جي گھر

جماعت اسلامي وفد جي چيف سيڪريٽري سنڌ فخر عالم سان ملاقات

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ گهر ڪئي آهي تہ سنڌ ۾ سارين جو ٽڪو ملھ ، ناجائز ڪٽوٽين جو نوٽس وٺي آبادگارن سان ناانصافي بند،چونڊن کان اڳ ۾ غير جانبدار آفيسر مقرر ڪري سنڌ ۾ اڻ ڌريون ۽ شفاف چونڊن کي يقين بڻايو وڃي،جڏھن تہ انفرااسٽڪچر سميت ترقياتي ڪمن ۾ تيزي،ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي اڏاوت لاءِ فوري ۽ ڪرپشن فري قدم کنيا وڃن.اها گهرجماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم عرفان سان سنڌ سيڪريٽريٽ۾ ملاقات دوران ڪئي.وفد ۾ صوبائي اڳواڻ حافظ نصراللہ چنا،عبدالحفيظ بجاراڻي،مولانا حزب اللہ جکرو ۽ مجاھد چناپڻ شامل ھئا.جماعت اسلامي جي وفد چيف سيڪريٽري کي سنڌ جي مڙني کاتن ۾ وڌندڙ ڪرپشن،سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ آفيسرن جي دير سان اچڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي زور ڀريو تہ گوڊ گورننس ۽ عوام جي داد رسي لاءِ ڪرپشن جو خاتمي ۽ آفيسرن کي وقت سر اچي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي.هن وقت سنڌ سورن ۾۽عوام ڪيترن ئي مسئلن جي ورچڙهيل آهي،ميرٽ تي ٿيندڙانتظامي فيصلن وسيلي ڪيترن ئي شين کي بهتربڻائي سگهجي ٿو،مختلف کاتن۾ڪيترائي آفيسرسالن کان هڪ ئي ڪرسي تي ويٺل آھن،جيڪي بهترڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام۽ماڻھن کي هروڀرو تنگ ۽ رشوت ڏيڻ تي مجبور ڪن ٿا.زراعت ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي پرڪارخانيدار۽ واپارين هٿرادو اگهه مقرر ڪري وڏو ناحق ڪيو آهي.ٽڪو ملهه ۽ ناجائزڪٽوتين سان سنڌ ۾سارين جي آبادگارن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي هن اسم ۾ به آبادگارن بدران مڊل مين کي فائدو ٿيندو،ڪمند ۽ ڪڻڪ وانگر سارين جو پڻ سرڪاري اگهه مقرر ڪري عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ڇوته آبادگارهاري خوشحال تي سنڌ شاهوڪار ٿيندي.ٻوڏ ۾ سنڌ ۾ انساني حياتين ڪان علاوه گهرن توڙي ملڪيتن جووڏي پيماني تي نقصان ٿيو،سموري دنيا مان سهائتا جااعلان ٿيا پرهڪ سال گذري وڃڻ بعد به ٻوڏ متاثر دربدر ۽ رولڙي جو شڪار آهن.سنڌ ۾ ڀينگ جي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو جواربين رپيا خرچ ڪرڻ جي باجودواحد سياحتي مرڪزگورک هل جي قسمت ناهي بدلي سگهي. پيپلزپارٽي 15 سالن کان مسلسل سنڌ ۾ برسراقتدار هئي پرٻين وانگر گورک هل به رٿا به مڪمل نه ٿي سگهي.وفد بهتري لاءِ لکت ۾ مشورا ۽ ديني ڪتابن جو تحفو پڻ ڏنو. چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخرعالم عرفان سنڌ جي ترقي توڙي عوام جي ڀلائي لاءِ هرممڪن ڪوششون وٺڻ جو جماعت اسلامي جي وفد کي يقين ڏياريندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي هڪ ڪمري جي گهرن جي اڏاوتن جو ڪم شروي ڪيو ويو آهي. ورلڊ بنڪ جي تعاون سان سنڌ ۾ 6 لک گهر ٺاهي ڏنا ويندا،جنهن جي شفافيت يقيني ۽ ان جا مالڪاڻا حق گهر جي عورت نالي ٺاهي ڏنا پياوڃن.سارين جي اگهه جو مسئلوواپارين حوالي آهي،تنهن هوندي آبادگارن سان نااناصافي ٿيڻ ڪونه ڏينداسين.#