English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي سجاول عبدالواجد شيخ جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس
64 views
|
07th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ اسڪولي عمارتن جي مرمت ۽ بحالي جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو
سجاول (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ موجود پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن جي مرمت ۽ بحاليءَ سميت سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اينڊ آر تحت فنڊز جاري ڪرڻ لاءِ تجويزون فائنل ڪرڻ بابت اهم اجلاس ,ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شیخ جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ موجود پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن جي مرمت ۽ بحاليءَ سميت سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مئنٽيننس ۽ رپيئر (ايم اينڊ آر) تحت فنڊز جاري ڪرڻ لاءِ تجويزون فائنل ڪرڻ بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري ۽ پرائمري، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، چيف مانيٽرنگ آفيسر، ايجوڪيشن ورڪس سول ۽ اليڪٽريشن، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شیخ اسسٽنٽ ڪمشنرن، چيف مانيٽرنگ آفيسر، اليڪشن ڪمشنر ۽ ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي جي سمورن اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ بابت نشاندهي ڪرڻ لاءِ گڏيل سروي ڪري جلد رپورٽ پيش ڪن ته جيئن انهن اسڪولن جي مرمت، بحالي ۽ گهربل سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اينڊ آر فنڊز جاري ڪرڻ بابت تجويزون موڪلي سگهجن. هن ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو فنڊز جاري ٿيڻ بعد خاص طور تي پولنگ اسٽيشنز لاءِ مقرر ڪيل اسڪولن ۾ اوليت جي بنياد تي سمورين گهربل سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جوڳا اُپاءُ وٺن ته جيئن اليڪشن دوران پولنگ عملي ۽ ووٽرن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي، ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ايم اينڊ آر بجيٽ جاري ٿيڻ بعد ضلعي جي سمورن مرمت جوڳن اسڪولن جي مرمت، بحالي ۽ سهولتن کان وانجهيل اسڪولن ۾ گهربل سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ته جيئن شاگردن توڙي اُستادن کي تدريسي سرگرمين دوران بھتر، پرسڪون ۽ خوشگوار ماحول فراهم ٿي سگھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
ڊپٽي ڪمشنر
سيڪنڊري
پرائمري
هائر سيڪنڊري
اسڪول
ڊي سي سجاول عبدالواجد شيخ
0 تبصرے