ڀٽ شاهه ۾ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

حادثي ۾ 52 ورهين جو محمد پنيل ميربحر فوت ٿي ويو

ڀٽ شاهه ۾ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

ڀٽ شاھ ڀرسان قومي شاهراهه تي کنڊو اسٽاپ وٽ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي م هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار 52 ورهين جو محمد پنيل ميربحر ٿڏي تي فوت ٿي ويو فوتي جو تعلق ٺٽي ضلعي سان آهي ۽ موٽر سائيڪل تي مڇي کڻي وڃي رهيو هو ته کنڊو اسٽاپ ڀرسان حادثو پيش آيو، ڀٽ شاھ پوليس ڊرائيور وسيم آرائين ۽ ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ فوتي پيرسن شخص جو لاش صحت مرڪز پهچايو ويو آهي