ٺل ۾ ٻرڙا برادريجو احتجاج، پوليس تي ٻن عورتن کي کنڀي کڻي وڃڻ جو الزام

پوليس گهر تي ڪاهه ڪري رشيدان ۽ ثميرا کي کنڀي کڻي وئي آهي: مظاهرين

ٺل ۾ ٻرڙا برادريجو احتجاج، پوليس تي ٻن عورتن کي کنڀي کڻي وڃڻ جو الزام

ٺل ۾ ٻرڙا برادري جي عورتن ۽ مردن پاران پاڪ ڪتاب کڻي ٺل پوليس جي گهر تي بلاجواز چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، حق باهو ڪالوني جي رهواسي ٻرڙا برادري رهبر چوڪ تي احتجاج ڪندي چيو ته ٺل پوليس اسان جي گهرن مٿان بلاجواز چڙهائي ڪري 3 ميهون ڪاهي وئي پوليس گهر مان هڪ عورت رشيدان ۽ ثميرا کي کنڀي کڻي وئي آهي، ,اسان سان انصاف ڪيو وڃي,کڻي ويل عورتون ۽ ميهون واپس ڪرايون وڃن