گھارو ويجھو ونڊ پاور ڪمپني جي انتظاميھ خلاف مقامي ماڻھن جو احتجاجي مظاھرو

ونڊ پراجيڪٽ ڪمپني انتظاميہ مھاڻن جا رستا بند ڪري کين بيروزگار ڪري ڇڏيو آھي: مظاھرين

گھارو ويجھو ونڊ پاور ڪمپني جي انتظاميھ خلاف مقامي ماڻھن جو احتجاجي مظاھرو

ٺٽو(ڊر) گھارو ويجھو قائم ٿيل ضائيفر ونڊ پاور ڪمپني گھارو پاران مقامي ماھيگيرن جا رستا بند ڪري مقامي ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ واري عمل خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو مقامي ماھيگيرن توڙي آسپاس جي رھواسين پاران يوسي چيئرمين علي احمد ڪلمتي، يوسي چئيرمين حبيب الرحمان ھديو، خان محمد ھديو، لال خاصخيلي، مير ممتاز رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ گھارو ويجھو قائم ڪيل ونڊ پراجيڪٽ ڪمپني جي انتظاميہ مقامي ماھيگيرن جا بلاجواز رستا بند ڪري ڪيترن ئي مقامي رھواسين کي ھن مھنگائي جي دور ۾ بيروزگار ڪري مقامي رھواسين سان ناانصافيون ڪيون پيون وڃن، جيڪي ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪنداسين. ھنن گھر ڪئي تہ فورن مقامي ماھيگيرن جا بند ٿيل رستا بحال ڪري بيروزگار ڪيل مقامي رھواسين کي روزگار مھيا ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي، ھوڏانھن سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا آدم گندرو، ضلعي ٺٽي جي صدر محمد ايوب ملاح، عبدالڪريم الھبخش ميراڻي، محمد خان ملاح، وڏيرو محمد عرس گندرو ۽ ٻين پڻ ونڊ ڪمپني جي انتظاميہ پاران مقامي ماھيگيرن جا رستا بند ڪري مقامي رھواسين کي بيروزگار ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي نگران حڪومت ھي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي تہ ھن عمل جو فورن نوٽيس وٺي مقامي ماھيگيرن سميت مقامي رھواسين سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سنڌ ملاح فورم پاران سخت احتجاج ڪيو ويندو.