English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي سجاول جي صدارت هيٺ ٿيليسيميا سينٽر ۽ بلڊ بينڪ قائم ڪرڻ بابت گڏجاڻي
155 views
|
27th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي ۾ ڪاشف اقبال ٿيليسيميا سينٽر ڪراچي جو سربراهه، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ ۽ ٻيا موجود ھئا
سجاول (گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ ضلعي سجاول ۾ ٿيليسيميا سينٽر ۽ بلڊ بينڪ قائم ڪرڻ بابت اھم گڏجاڻي , ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ چيو آهي ته ضلعي سجاول ۾ ڪاشف اقبال ٿيليسيميا سينٽر ڪراچي جي سھڪار سان مدني ٿيليسيميا سينٽر ۽ بلڊ بينڪ جي نالي ۽ طرز تي ٿيليسيميا ۾ مبتلا ٻارڙن کي ڏورانھن علائقن ۾ وڃڻ بدران پنهنجي ئي علائقي ۾ علاج جون سهولتون فراهم ٿي سگهن - اھڙين ڳالھين جو اظهار ھن درٻار ھال سجاول ۾ ٿيليسيميا سينٽر ۽ بلڊ بينڪ جي قيام بابت ڪاشف اقبال ٿيليسيميا سينٽر ڪراچي جي سربراهه سان منعقد گڏجاڻي دوران ڪيو - ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ ، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي ، صحت کاتي جي نمائندن ۽ ضلعي جي مخير حضرات ، سماجي اڳواڻ ،واپاري ۽ معززين پڻ موجود هئا - ڊپٽي ڪمشنر ٿيليسيميا سينٽر ۽ بلڊ بينڪ جي قيام لاءِ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ جي ڪاوشن کي ساراھيندي چيو ته ھن خير جي ڪم ۾ خدمت جو جذبو ھجڻ انتھائي ضروري آهي ته جيئن ھن ضلعي کي بھتر بڻائي سگهجي - ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي ھر ممڪن سهڪار جي يقين پڻ ڏياريو - ان موقعي تي ٿيليسيميا سينٽر ۽ بلڊ بينڪ جي قيام لاءِ صحت کاتي ۽ ڪاشف اقبال سينٽر ڪراچي جي سربراهه چيو مفاھمت نامي تي صحيحون ڪرڻ بعد ٻن ھفتن ۾ سينٽر جو باقاعده افتتاح ڪيو ويندو - ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ چيو ته ضلعي جي عوام کي صحت سميت ٻيون گھربل بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه ھر وقت ڪوششون وٺي رهي آهي ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي تڪليف ۽ پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو نه پوي –
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي سجاول
سجاول
ڊپٽي ڪمشنر
ٿيليسيميا سينٽر
0 تبصرے