English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قدرتي ذخيرن سان مالا مال سنڌ جو عوام دربدري واري زندگي گھاري رھيو آھي: اياز لطيف پليجو
70 views
|
26th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا آهن، پيپلز پارٽي، ليگ ۽ پي ٽي آئي سنڌ کي تباھي کانسواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون، لياقت آباد جي اردو ڳالهائيندڙ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ عوامي پورھيت تحريڪ عمر ڪوٽ جي اڳواڻن جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ پريم ساگر، ھريش،شھزاد ھاشمي، شمشاد وارثي قمرالدين، عبدالڪلام عبدالرحيم، عتيق الرحمان، محمد بشير، مھتاب وارثي ۽ عامر ملڪ جي قاسم آباد لا آفيس ملاقات ڪري قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو تہ اردو ڳالهائيندڙ اسان ڀائر آهن، ڇھون نمبر ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ ۾ آهي، 71 سيڪڙو گئس، 59 سيڪڙو پيٽرول ۽ ٻين وسيلن سان مالا مال سنڌ جا وارث دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهن. خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا آهن. گذريل پنهنجي اقتداري دور دوران پيپلز پارٽي، ليگ ۽ پي ٽي آئي سنڌ کي تباھي کانسواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو. وفاقي پارٽين وٽ سنڌ لاءِ ڪا بہ ايجنڊا ناھي. سنڌ کي ھميشه ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غير ملڪي ھٿ اسان جي امن ۽ معيشت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، سنڌ ۾ غيرقانوني پرڏيھين سان رڳو سنڌ ۽ پاڪستان جي اقتصاديات کي خطرو ناھي، بلڪہ اھي ھتي لاقانونيت، دھشتگردي ۽ منشيات آڻين ٿا ۽ سڀ کان وڏو نقصان تہ اھي اسانجي رواداري، امن، عقل، محبت ۽ سھپ وارين روايتن کي تباھ ڪري مليٽنٽ انتھاپسندي پيدا ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ لکين غير قانوني پرڏيھي سنڌ ۽ ملڪ جي امن لاءِ مستقل خطرو آھن. سپريم ڪورٽ جو حڪم آھي تہ انھن کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. سڄي دنيا ۾ ٻاھران ايندڙ ماڻھن لاءِ الڳ قانون آھي، اھي اتي جي سياست، نوڪرين، وسيلن تي ائين حملي آور ۽ قابض نٿا ٿين جيئن پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ٻاھران ايندڙ پرڏيھي ماڻھو اسان جي ملڪ جي قانون جو ڌڄيون اڏائي رھيا آھن. ڪھڙو شھر آھي جتي منشيات نٿي ملي ۽ غير قانوني ھٿيارن جو ڪاروبار ناھي. انھي ڪڌي ڪم ۾ پرڏيھي ملوث آھن. سعودي عرب ۾ پاڪستان سميت ڪنھن ٻي مسلمان ملڪ جي ماڻھو کي شھري، ملڪيت يا مستقل نوڪري حاصل ڪرڻ جي اجازت ناھي. رڳو پاڪستان ۽ سنڌ کي مال غنيمت بنايو ويو آھي. سنڌ يتيم خانو ناھي، غير قانوني پرڏيھين کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ناجائز مھانگائي جي ڪري غريب عوام لٽجي رھيو آھي۔ نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومت عوام کان لاتعلق بنجي ويون آھن، ناجائز منافعي خور مافيا ناجائز فائدو وٺي ھر شئي جا اگھ آسمان تي پھچائي ڇڏيا آھن پر پاڪستان ۾ ڪنھن بہ شئي تي ڪنٽرول ناھي ۽ بي پناھ مھانگائي وڌي وڃي ٿي۔ تيل، گئس ۽ بجلي پيدا ڪندڙ سنڌ کي مھانگائي ۽ بدحالي جي باھ ۾ اڇلايو ويو آھي۔ سنڌ کي مال غنيمت بنائي لٽيو پيو وڃي. حڪمران پنھنجون پاليسون تبديل ڪن۔ ملڪ کي برابري ۽ ڀائچاري سان اڳتي ھلائي سگھجي ٿو۔ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. سنڌ وفاق کي جيترو ڪمائي ڏئي ٿو بدلي ۾ حق بدران خيرات ڏني وڃي ٿي، جنھن ڪري سنڌ ۾ غربت وڌي آھي. بدقسمتي سان ڪنھن بہ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت سنڌ جي ترقي ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ کي پنھنجي ايجنڊا نہ بنايو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ayaz latif palejo
QAT
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجو
sindh
سنڌ
0 تبصرے