ڪراچي ۾ ولي محمد خاصخيلي ڳوٺ ۾ زمين جي قبضي جي ڪوشش تان جھيڙو، علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، ڌرڻو

ھٿياربند گارڊن پاران عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، جھيڙي دوران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو

ڪراچي ۾ ولي محمد خاصخيلي ڳوٺ ۾ زمين جي قبضي جي ڪوشش تان جھيڙو، علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ناردرن بائي پاس ويجهو ولي محمد خاصخيلي ڳوٺ ۾ زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. بلڊر جي پرائيويٽ گارڊن زبردستي گهرن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ھٿياربندن عورتن تي تشدد ڪري زبردستي گھر خالي ڪرائڻ دوران سڄو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. ڳوٺاڻن پاران بلڊر مافيا تي تشدد ڪرڻ ۽ گهرن تي زبردستي قبضي ڪرڻ جو الزام. اطلاع تي حد جي پوليس پهچي وئي. علائقي واسين پاران بلڊر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. تفصيل موجب. ڪراچي جي ناردرن بائي پاس گلشن معمار ٿاڻي جي حد ولي محمد خاصخيلي ڳوٺ ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جنھن دوران بلڊر جي خانگي گارڊن گهرن تي زبردستي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ عورتن تي تشدد ڪيو. جنھن دوران عورتن پاران مزاحمت دوران سڄو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. اطلاع تي پوليس ۽ علائقي واسين جو وڏو انگ واقعي واري هنڌ پهچي ويو. ڳوٺاڻن بلڊر مافيا جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ۽ بلڊر مٿان گهرن تي زبردستي قبضو ڪرڻ ۽ عورتن تي تشدد ڪرڻ جو الزام هنيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن دلدار. حبيب اللھ.وقار. لعل بخش. مسمات روزينا. ماروي. مسمات شبانه ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيوته ته بلڊر مافيا جي پرائيويٽ گارڊن صبح سوير اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪئي ۽ گهرن تي زبردستي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ عورتن تي تشدد ڪيو. جنهن جو اطلاع اسان گلشن معمار پوليس ٿاڻي تي ڏنو. هنن چيو ته بلڊر مافيا ولي محمد خاصخيلي ڳوٺ تي قبضو ڪري اسان کي زبردستي گھر خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو اھي. اسين ھتي سالن کان آباد آھيون اسان کي بلڊرجبري طور بي دخل ڪرڻ لاء اسان مٿان حملا ڪرائي اسان کي ھتان لڏائڻ چاھي ٿو. اسان پنجويهه ٽيهه سالن کان ھتي اباد آهيون. اسين ڪنھن به صورت ۾ پنھنجا گھر خالي نه ڪنداسين. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ولي محمد ڳوٺ تي قبضو ڪندڙ بلڊر مافيا ۽ ان جي پرائيويٽ گارڊن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.