نوشهرو فيروز شهر ۾ گندي پاڻي جي آزار خلاف شهرين جي ريلي ۽ ڌرڻو

شهر کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ هتان جي چونڊيل نمائندن جو وڏو ڪردار آھي: مظاھرين

نوشهرو فيروز شهر ۾ گندي پاڻي جي آزار خلاف شهرين جي ريلي ۽ ڌرڻو

نوشهرو فيروز(ڊ ر) نوشهرو فيروز شهر ۾ گندي پاڻي آزار خلاف شهرين پريس ڪلب نوشهرو فيروز کان ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس جي مئن گيٽ آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ ڪرپٽ آفيسرن کي هٽائڻ ۽ شهر مان گٽرن جي گندي پاڻي جو نيڪال ڪرڻ لاءِ سخت نعري بازي ڪئي ويئي. ان موقعي تي آل پارٹیز الائینس،شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ يونس راڄپر، جي يو آءِ اڳواڻ اڪرم پيرزادو، خالد راڄپر عوامی جھموری پارٹی ايس ٽي پي جي اسد چانڊيو، وسيم ڏنگراچ، ايس يو پي جي مهر وسطڙو، خادم سيال، علي نواز سولنگي، ذوالفقار تڳر ظمیر لند ۽ ٻين چيو ته شهر کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ هتان جي چونڊيل نمائندن جو وڏو ڪردار آھي 11 سال پي پي حڪومت لُٽمار ڪئي پر شهر کي ڊرينيج سسٽم صحي نه ڏيئي سگهيا ۽ حالت اتي وڃي پهتي جو عوام سان جُٺين تي سندن چونڊيل ميونسپل چيئرمين پير قربان علي استعفيٰ ڏيئي هليو ويو جنهن جي هڪ ٽرانزڪشن آفيسر به نه ٻڌي. هنن چيو ته ميونسپل ٽرازڪشن آفيسر وليد شوري ڪڙورين روپين جا ڌاڙا هنيا، جنهن جي دانهن چونڊيل چيئرمين اعليٰ اختيارين ۽ پي پي قيادت کي ڏني پر اُهي حصيدار هجڻ ڪري ان ڪرپٽ ڪاموري کي هٽرائي نه سگهيا آھن جنهن ڪري اسان سخت احتجاج تي مجبور ٿيا آھيون. ان دوران اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهرو فيروز علي شان ملڪ اچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ ڳالهين ۾ شهر جي صفائي جي يقين دهاني ڪرائي. شهر جي صفائي سٿرائي ۽ گندگيءَ جي نشاندهي لاءِ انتظاميه ۽ شهرين تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن کانپوءِ ڊي سي اچي ڌرڻو ختم ڪرايو. ڪاميٽيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر علي شان ملڪ، تپيدار نوشهرو فيروز سرڪل مجيد ڳوراهو، ميونسپل آفيسر، محمد يونس راڄپر، اڪرم علي پيرزادو، خالد راڄپر، اسد چانڊيو، وسيم ڏنگراچ ۽ مهر وسطڙو ء ظمیر لند شامل آھن. احتجاج کانپوءِ ڪاميٽي اڳواڻن ۽ مظاهرين جي ڊي سي نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ڊي سي چيو ته صفائي سٿرائي ميونسپل وارن جو ڪم آھي شهر جي واقعي صورتحال خراب آھي مون باقاعده سختي سان صفائي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جون هدايتون ڏنيون آھن اوهان جلد بهتري نظر ايندي ڇو جو نه رڳو ٺهيل ڪاميٽي گندگي جي نشاندهي ڪري ٻڌائيندي پر مان به نظرداري ڪندس.