ڪراچي: پيرڻي جي فليٽ مان پراسرار نموني گم ٿيل اقصيٰ چانڊيو واري معاملي ۾ اڳڀرائي

پوليس جا ڪراچي ۽ خيرپور ۾ ڇاپا، هڪ شخص کي حراست ۾ ورتو ويو، ذريعا

ڪراچي: پيرڻي جي فليٽ مان پراسرار نموني گم ٿيل اقصيٰ چانڊيو واري معاملي ۾ اڳڀرائي

ڪراچي: سي ويو اپارٽمينٽ ۾ پير جي فليٽ مان 16 ورهين جي اقصي چانڊيو جي مبينه گمشدگي وارو معاملي ۾ اڳڀرائي، پوليس ذريعن جو چوڻ آھي تھ پوليس جا ڪراچي ۽ خيرپور ۾ ڇاپا، هڪ شخص کي حراست ۾ ورتو ويو،
حراست ۾ ورتل شخص کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي،
ايس ايس پي انويسٽيگيشن ڊاڪٽر فرخ رضا جو چوڻ آحي تھ اقصا چانڊيو وٽ موبائيل فون هو، گهر مالڪياڻي موبائيل فون کسيو ۽ اقصا جي والد کي اطلاع ڪيو،
اقصا جو موبائيل فون هٿ ڪيو ويو، موبائل فون مان هٿ ڪيل رڪارڊ جي روشني ۾ جاچ جاري آهي،
اقصا سان رابطي ۾ رهندڙ ڪجهه نوجوانن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، اقصا کي جلد بازياب ڪرايو ويندو
پوليس ذريعن موجب ابتدائي جاچ موجب موبائيل پڪڙجڻ بعد والد جي خوف کان اقصا اڪيلي گهران نڪري وئي،
اقصا سان گڏ سندس ڀيڻ به ساڳي فليٽ تي ڪم ڪندي هئي، ان کي به موبائيل فون جي خبر هئي،
اقصا جنهن دڪان تان موبائيل فون خريد ڪيو، ان دڪاندار کان به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي،
اقصا وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه هو، ان کي دڪاندار سم ڪنهن ٻئي جي نالي تي ڪڍرائي ڏني،