نوشھروفيروز ۾ شھرين جو گندگي پاڻي جي آزار خلاف احتجاج

سڄو شھر گندگيءَ جي ور چڙھي ويو آھي: شھري

نوشھروفيروز ۾ شھرين جو گندگي پاڻي جي آزار خلاف احتجاج

نوشهروفيروز(د ر) شھرين پاران گندي پاڻي جي آزار خلاف احتجاج ڪيو ويو. شھرين ميونسپل ڪميٽي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري عملدارن خلاف نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي شھري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن خالد راڄپر ۽ ٻين چيو ته سڄو شھر گندگيءَ جي ور چڙھي ويو آھي ۽ وڏي عرصي کان شھر جي حالت انتھائي خراب آھي. صفائي نه ٿيڻ ڪري شھر ۾ بيماريون پکڙجي رھيون آھن مگر ميونسپل ڪميٽي جي آفيسر کي ٿورو شرم به نه ٿو اچي. ھنن چيو ته شھر جا رستا گندي پاڻي ۾ ٻڏل آھن. جنھن ڪري شھري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن پر ڪير به شھر ۾ صفائي ڪرائڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن چيو ته شھر ۾ صفائي ڪرائي وڃي