نور برفت ڳوٺ احتجاجي ڪيمپ تي ويٺل عورت دل بيھڻ سبب فوت

فوتي عورت جي جنازي نماز ۾ رھواسين جي وڏي انگ ۾ شرڪت.بلڊر مافيا خلاف سخت نعريبازي

نور برفت ڳوٺ احتجاجي ڪيمپ تي ويٺل عورت دل بيھڻ سبب فوت

گڏاپ(محمد علي خاصخيلي) ڪراچي ڌرتي ڌڻين جي قديم وسندي نور محمد برفت ڳوٺ کي ڊاھڻ جي ڪوشش خلاف علائقي واسين ٻئي ڏينھن به احتجاج جاري رکيو. عورتن جي احتجاجي ڪيمپ تي ويٺل عورت (م) دل بيھڻ ڪري فوت ٿي وئي. جنھن جي جنازي نماز ڪيمپ تي ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ علائقي واسين نور خان برفت. صفدر ابڙو. پ پ اڳواڻ نديم چانڊيو. ديدار چانڊيو علي برفت. اسلام جان بٽني. عالم بروھي. انجم ڪيريو. نبي بخش برفت. عبدالمجيد برفت سميت ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته رات جي انڌيري ۾ ڳوٺ کي ڊاھڻ جي ڌمڪي ڏني وئي ھئي. اڳ ۾ به اسان جي ڳوٺ مٿان رات جي انڌيري ۾ چڙھائي ڪري مين روڊ جا دڪان ڊاھيا ويا. ھنن چيو ته گذريل ڏينهن به اسان کي اسٽنٽ ڪمشنر اوڀرثناء الله ڪلوڙ صبح سويري ڳوٺ کي ڊاھڻ جي ڌمڪي ڏني. جنھن ڪري پوري رات احتجاجي ڪيمپ توڙي گھرن ۾ ڳوٺاڻن جاڳي گزاري. صبح سويري ڪيمپ تي ويٺل عورت (م) صدمي سبب فوت ٿي آھي. جنھن جي جنازي نماز ادا ڪئي آھي. ھنن چيو ته ھن قتل جو ذميوار اسٽنٽ ڪمشنر اوڀر ثناء الله ڪلوڙ ۽ بلڊر علي ڳڙھ آھي. ھنن چيو ته سنڌ ھاء ڪورٽ جو پراڻو آرڊر کڻي اي سي اوڀر جي اڳواڻي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ سيل. روينيو عملو ۽ ضلع اوڀر جي پوليس جا اٽالا ساڻ ڪري ڳوٺ کي ڊاھڻ جي ڪوشش پيو ڪري پر اسين موت قبول ڪنداسين پر ڳوٺ کي ڪنھن به صورت ۾ ڊاھڻ نه ڏينداسين. ڳوٺاڻن اعلي اختيارين کان بلڊر مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مسڪين غريب ماڻهن جا گھر ڊاھڻ کان بچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي