ڏوڪري: معظم عباسي جي پ پ اڳواڻ عزيز احمد جتوئي سان سندس پڦي جي لاڏاڻي تي تعزيت

نگران حڪومت مان عوام کي اميدون آهن، پر وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول لازمي آهي: معظم عباسي

ڏوڪري: معظم عباسي جي پ پ اڳواڻ عزيز احمد جتوئي سان سندس پڦي جي لاڏاڻي تي تعزيت

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ نگران حڪومت مان عوام کي اميدون آهن، پر وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول لازمي آهي(معظم عباسي) ڏوڪري اڳوڻي پيپلزپارٽي ايم پي اي رئيس عزيز احمد جتوئي جي پڦي ۽ مرحوم رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي ڀيڻ جي اوچتو لاڏاڻي تي سندس رهائشگاھ ڳوٺ محراب پور جتوئي ۾ تعزيت ڪئي. انهي موقعي تي ھن چيو قوم کي موجوده نگران حڪومت مان رليف جي اميد آهي پر مسلسل مهانگائي تي ڪنٽرول لازمي آهي ڇو تہ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي.ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت جي ڊي اي ٺاھيندي.انهي موقعي تي ھن رئيس فريد احمد چا، متين احمد، رئيس ڪفيل احمد جتوئي ۽ ٻين سان پڻ تعزيت ڪئي.