English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ کي مھانگائي، غربت، بيرزگاري، بدامني ۽ منشيات جي چڪي ۾ پيسيو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو
154 views
|
24th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات آھي، زراعت، سمنڊ ۽ بندرگاھ آھن
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي مھانگائي، غربت، بيرزگاري، بدامني ۽ منشيات جي چڪي ۾ پيسيو پيو وڃي. سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات آھي، زراعت، سمنڊ ۽ بندرگاھ آھن، اھڙن وسيلن وارا ملڪ ترقي يافتہ ۽ خوشحال آھن پر سنڌ جا ماڻهو بدحال، غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سدائين سنڌين جي پٺي ۾ خنجر ھنيا آھن. سنڌ ۾ ترقي جي رفتار گھٽ آھي۔ سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ڪمائي سنڌ جي ماڻھن جي ترقي ۽ بنيادي حقن تي خرچ نہ ٿي رھي آھي، غربت جي شرح وڌي وئي آھي۔ معاشي پاليسيون غريب عوام لاء ڪابہ خوشحالي نہ آڻي رھيون آھن. پيپلز پارٽي سنڌ کي سدائين ڪارڊ طور استعمال ڪيو آهي، اقتدار ۽ اچڻ کان پوءِ انتھائي بي رحمي سان سنڌ کي لٽيو ۽ برباد ڪيو آھي سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ڌرتي وسيلن، تعليم، ميريٽ ۽ ماڻھن جي مالڪي لاءِ ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي کي شڪست ڏئي سنڌ دوست ماڻهن کي چونڊين .اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌي ماڻھن کي پنھنجا جائز حق ڏنا وڃن روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا وڃن ۔ اٽو، چانور، دال ۽ کاڌي پيتي جون شيون ايتريون سستيون ڪيون وڃن جو مزدور، ھاري ۽ غريب ماڻھو آساني سان خريد ڪري سگھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان جو ملڪ زرعي ھجڻ باوجود الميو آھي جو غربت ۽ مھانگائي جي ڪري لکين ماڻھو 2 وقت ماني لاء پريشان آھن۔ کاڌي پيتي جا اگھ اميرن جي پھچ وارو نہ ڪيو وڃي، اھو سبسڊي ڏئي ايترو سستو ڪيو وڃي جو ڪنھن ماء جي ٻچن کي بکيو نہ سمھڻو پوي۔ ڪو ٻہ وقت ماني لاء ڪنھن جي اڳيان ھٿ نہ ڦھلائي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ayaz latif palejo
QAT
aoumi awami tahreek
0 تبصرے