English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي ھدايتن تي ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائيون
views
|
19th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ پرائيس مئجسٽريٽن پاران 14 ڪارروائيون ڪيون ويون
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي ھدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنرن جون ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ ذخيرا اندوزي ۽ اسمگلنگ خلاف ڪارروائيون - ٺٽو ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنرن / پرائس مئجسٽريٽن پاران ضلعي ۾ ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ خلاف 14 ڪارروايون ڪيون جڏهن ته خلاف ورزي ڪرڻ تي 15 هزار رپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو. تفصيل موجب اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو ٽريفڪ پوليس چوڪي سجاول روڊ ۽ ال شافي اسپتال ڀرسان ٻن هنڌن تي اوچتا ڇاپا هڻي گودامن کي چيڪ ڪيو جتان ڪو به ذخيرو ٿيل سامان هٿ نه آيو. اسسٽنٽ ڪمشنر گهوڙاٻاري پڻ ور شهر ۾ ٻن ھنڌن تي ذخيرہ اندوزي خلاف ڪارروائي ڪئي جتان پڻ ڪو به ذخيرو نه مليو جڏهن ته ريٽ لسٽ ظاهر نه ڪرڻ ۽ خلاف ورزي ڪندي وڌيڪ اگهہ وصول ڪرڻ تي 15 ھزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو. اهڙي ريت اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو پاران کنڊ، اٽي، ڀاڻ، خوردني تيل ۽ پيٽرول جي اسمگلنگ خلاف 10 آپريشن ڪيا ويا ۽ ڪو به ذخيرو يا اسمگل ٿيل سامان هٿ نه اچي سگهيو. ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن / پرائس مئجسٽريٽن کي سختي سان هدايتون ڏنيون آهن ته ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ خلاف سخت ڪارروائي ڪري روزانو جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته ضلعي ۾ ڪنهن کي به ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي اجازت ھر گز نه ڏني ويندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
thatto
DC
AC
0 تبصرے