English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ برسات ۽ ٻوڏ ايمرجنسي لاءِ ڪنٽرول سيل قائم
194 views
|
18th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
سمورن لاڳاپيل کاتن جا آفيسرن کي الرٽ رکيو وڃي: ڊي سي
سجاول (رپورٽر) برسات ۽ ٻوڏ ايمرجنسي دواران ڊي سي آفيس سجاول ۾ عوامي شڪايتن لاءِ ڪنٽرول سيل قائم. سمورن لاڳاپيل کاتن جا آفيسر الرٽ رهندي هيڊ ڪوارٽر ۾ موجودگي کي يقيني بڻائين. بروقت سمورا احتياطي اپاءَ ورتا وڃن تہ جيئن قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ ۽ نجي توڙي سرڪاري ملڪيتن جي نقصان کان بچي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر سجاول ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ لاپرواهي ھر گز برداشت نہ ڪئي ويندي. عبدالواجد شيخ پاڪستان موسميات کاتي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سنڌ پاران اوڀر سنڌ ۾ 18 کان 20 سيپٽمبر 2023 تائين تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شيخ لوڪل گورنمينٽ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، آبپاشي، ڊرينيج، صحت، لائيواسٽاڪ، فشريز، سوشل ويلفيئر سميت ٻين سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي الرٽ رهڻ ۽ هيڊ ڪوارٽر ۾ موجودگي کي يقيني بڻائڻ ۽ سمورا احتياطي اپاءَ بروقت وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي تہ جيئن قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ ۽ نجي توڙي سرڪاري ملڪيتن جي نقصان کان بچي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو لاڳاپيل کاتن جي سربراهن سان گڏيل دورا ڪن ۽ نالن جي صفائي ۽ پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائين. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ لاپرواهي کي سنگين بدانتظامي سمجهيو ويندو ۽ لاڳاپيل ضابطن تحت فوري طور تي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته برسات ۽ ٻوڏ جي ايمرجنسي لاءِ عوامي شڪايت ڪنٽرول سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو فون نمبر 0298-510833 آهي جيڪو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
sajawal
DC
Rain
Emergency
0 تبصرے