نوابشاهه ۾ واپاري جو پٽ خنجر هڻي قتل

اڻڄاتل جوابدارن خنجرن جا وار ڪري وقاص عرف وڪي مغل کي قتل ڪري ڇڏيو

نوابشاهه ۾ واپاري جو پٽ خنجر هڻي قتل

نواب شاه ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد م ، نالي وارو واپاري سونارو عبدالغفور مغل جي پٽ وقاص مغل عرف وڪي کي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد منع آباد م نامعلوم ماڻهوءَ ، خنجرن جا وار ڪري ماري فرار ٿي ويا ، جڏهن تہ پي ايم سي اسپتال جي ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران تصديق ڪئي وئي آھي ته وقاص مغل فوت ٿي چڪو آهي ، بي طرف اھڙي واقعي جو موقف پڇڻ لاءِ ايس ايڇ او ايئرپورٽ ٿاڻي اقبال وساڻ کان پڇيو ان جو چوڻ آھي ته فلحال ڪجھ به نٿو چئي سگهجي ، ذاتي دشمني به ٿي سگھي ٿي يا ڦر جو مسئلو ٿي سگھي ٿو مان جاچ ڪري رھيو آھيان