ڏهرڪي جي عدالت پاران ٻن جوابدارن کي 5 سال قيد ۽ 10 ھزار ڏنڊ جي سزا

ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي ٻئي جوابدار وڌيڪ 3 مهينا جيل ۾ قيد ڪاٽيندا: عدالت جو حڪم

ڏهرڪي جي عدالت پاران ٻن جوابدارن کي 5 سال قيد ۽ 10 ھزار ڏنڊ جي سزا

ڏهرڪي (نويد چغتائي)ڏهرڪي جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جي عدالت ٻن جوابدان مٿان ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ اراده قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي 5 سال قيد ۽ ڏهه هزار روپيا ڏنڊ جي رقم ٻڌائي ڇڏي سزا بعد جوبدارن کي سينٽرل جيل سکر موڪليو ويو خبر موجب ايڊيشنل سيشن جج ڏهرڪي پرديپ ڪمار جي عدالت ٻن جوابدارن محمد شريف ولد رحيم بخش سولنگي ۽ علي حسن شر ولد پليو شر مٿان ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ ارداه قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس 5 سال قيد جي سزا ۽ 10 هزار روپيه (ڏنڊ) ادا ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو جڏهن ته ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي جوابدار وڌيڪ 3 مهينا جيل ۾ قيد ڪاٽيندا عدالت جي فيصلي سزا آيل جوبدارن کي سکر جيل منتقل ڪيو ويو ياد رهي ته ٻئي جوابدار اڳ ۾ ئي ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي ۾ قيد هئا جنهن بعد عدالت سڳوري وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد پنهنجو محفوظ ڪيل فيصلو عدالت ۾ ٻڌايو جڏهن ته جوابدارن مٿان جنوري 2023 تي اوٻاوڙي تعلقي جي ٿاڻي وسطي جيوڻ شاهه تي سرڪار پاران اي ايس آءِ عبدالعزيز جي فرياد تي گناھہ نمبر 08 سال 2023 تحت ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ اراده قتل جي قلم 324, 353, 148 ۽ 149 تحت ڪيس داخل ٿيل هو