ڪوئلو، گئس، پئٽرول ڏيندڙ صوبن جا ماڻھو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن: اياز لطيف پليجو

ٽنڊو محمد خان ۾ اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن خلاف پيادل مارچ

ڪوئلو، گئس، پئٽرول ڏيندڙ صوبن جا ماڻھو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن: اياز لطيف پليجو

ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ ٽنڊو محمد خان ۾ مھانگائي ۽ ڪرپشن خلاف، امن، روزگار، قومي حقن ۽ ترقي لاءِ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سوين عورتن سميت ھزارين ماڻھن ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس کان پيادل مارچ ڪري ايوبيا اسٽاپ وٽ ڌرڻو ھنيو جڏھن ايوبيا اسٽاپ وٽ پھتو تہ شھرين ۽ واپارين گلن جي ورکا ڪري، اجرڪ ۽ لنگيون پارائي اياز لطيف پليجي جو شاندار استقبال ڪيو. جڏھن تہ ڪارڪن ڪرپشن، اغوائن، ڌاڙيل راڄ خلاف ۽ ٻيا نعرا ھنيا. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي سنڌ جي ترقي ۽ وسيلن کان مڪمل لاتعلق آھي. پيپلز پارٽي عالمي ۽ وفاقي فيصلا حڪدم قبول ڪريو ڇڏي. سنڌ جي بدترين گورننس ٻين صوبن کي بھتر ثابت ڪري ٿي، نگران حڪومت نالي جي آھي، سنڌ ھن وقت پيپلز پارٽي جي حڪومت آھي. سنڌ جي شاگردن ۽ نوجوانن کي وفاق تعليم ۽ روزگار جو پيڪيج ڏئي. سنڌ ۽ ملڪ مان غير قانوني پرڏيھي واپس موڪليا وڃن. ڪوئلو، گئس، پئٽرول ڏيندڙ صوبن جا ماڻھو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. سنڌ جي ڪرپشن ۽ تباھي کان ادارا ۽ عدليه لاتعلق آھن. پيپلز پارٽي حڪومت جا 15 سال سنڌ ۾ بي پناھ ڪرپشن، مھانگائي، بک، برحالي، بيروزگاري ۽ زرعي تباھي وارا رھيا. جيڪي روڊ ۽ ٻيا ڪم ڪرايا ويا، آھي ناقص ھجڻ ڪري 6 مھينن اندر تباھ ٿي ويا. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ڪري ماڻھو اغوا ٿي رھيا آھن، روزگار جا وسيلا نہ ھجڻ ڪري ماڻھوخودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. اياز لطيف پليجي تہ ڪوڙي آدمشماري سنڌ جي وحدت تي حملو آھي. پيپلز پارٽي ڪارونجھر، ڪراچي، ڪوھستان، ساحلي پٽي ۽ شھرن جون زمينون نيلام ڪيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪڏھن 15 سالن دوران پيپلز پارٽي ڪم ڪري ھانتہ شھر ۽ ڳوٺ ترقي ڪري وڃن ھا. سنڌ ۾ رستا ٺھيل آھن ته وڏيرن، وزيرن ۽ ايم پي ايز جي اوطاقن تائين رستا ٺھيل آھن. سنڌ باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان پوئتي آھي. مھانگائي غريب عوام جي زندگي جھنم بنائي ڇڏي آھي. ھر کاتي ۾ بي پناھ ڪرپشن آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غربت سبب مائرون پنھنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آھن، بک کان بيزار ٿي نوجوان خودڪشيون ڪري رھيا آھن. ڌاڙيلن معصوم ٻارن سميت نوجوانن کي اغوا ڪيو، جن مان ڪيترائي اڃا تائين بازياب نہ ٿي سگھيا آھن ۽ يرغمال آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ٽنڊو محمد خان تيل ۽ گئس جي دولت سان مالا مال آھي پر شھر گندگي جو ڍير آھي، روڊ ٺھيل نہ ھجڻ ڪري لکين ماڻھو عذاب ۾ آھن. مويا شھر سميت سڄي ضلعي ۾ روڊ ۽ ٻيا ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ عورتن سان غلامن جھڙو سلوڪ آھي، ڪاروڪاري ۾ بيگناھ عورتون قتل ڪيون وڃن ٿيون. نياڻيون اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪرايا وڃن ٿا. زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. مارڪيٽ ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ڪئي وئي آھي. وزيرن، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ۽ وڏيرن پاڻي کي مخالف آبادگارن خلاف ھٿيار طور استعمال ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ حڪومت جي 15 سالن ۾ ڪا نئين انڊسٽري قائم نہ ٿي سگھي. ھٿرادو پاڻي کوٽ ڪري فصل سڪايا ويا. جيڪي فصل مارڪيٽ ۾ آيا، انھن جا ھٿرادو اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي سنڌين کان حق حاڪميت کسڻ ۽ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ غير قانوني افغاني ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي تحفظ ڏنو ۽ جيڪو بہ ڪٿي صرف 6 مھينا اچي رھي تہ ان کي اتي جو ڊوميسائيل ڏيڻ جو بل اسيمبلي ۾ آندو. سنڌ ۾ مھا ٻوڏن سبب تباھ ٿيل لکين متاثرن کي ڪراچي ۾ رھائڻ ۽ روزگار ڏيڻ بدران انھن کي پنھنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪيو ويو آھي. نگران حڪومت پيپلز پارٽي جي مرضي جي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ ورھائڻ ۾ سھولتڪار ٿي. ھنن ٻٽو نظام آڻي سنڌ کي ورھايو. ھنن ڪوڙي ڊجيٽل آدمشماري ڪري سنڌ کي ڪاپاري نقصان ڏنو ۽ 8 ڪروڙ آبادي کي گھٽائي ساڍا 5 ڪروڙ 57 لک آبادي کي قبول ڪيو، سنڌ جي ثقافتي ورثي ڪارونجهر کي قتل ڪرڻ لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻيا وسيلا وفاق کي ڏنا ويا آھن. ڪا نئين يونيورسٽي يا اسپتال قائم نہ ٿي سگھي. صحت، تعليم سميت مختلف شعبا ڪرپشن جو ڳڙھ بنجي ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو عوام ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ دشمن ڪردار کي رد ڪري. سنڌ کي ترقي يافتہ خوشحال ڏسڻ جا خواب ڏسندڙ ماڻھو ڪرپٽ نمائندن سان مقابلو ڪن. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي عوام سان ڪوڙ ڳالھائي رھيو آھن. مھانگائي، ڌاڙيل راڄ ۽ ڪرپشن جي ذميوار پيپلز پارٽي آھي. پيپلز پارٽي وٽ عوام جي ترقي جو ڪو به پروگرام ناھي. جيڪڏھن ٻيھر پيپلز پارٽي کي اقتدار ڏنو ويو ته سنڌ کي ٽوڙي ۽ عوام جي حالت بد کان بدتر بنائي ڇڏيندا. سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻھن جا آھن. اسين اھڙي سنڌ چاھيون ٿا جنھن ۾ برابري ھجي. عورت کي آزادي ھجي. نوجوانن کي اعلي تعليم ۽ روزگار جا موقعا ھجن. اسپتالون ڪوس گھر بدران بھتر علاج جو مرڪز ھجن. ڌاڙيل راڄ بدران امن ھجي. جرڳن بدران قانون ۽ انصاف جي حڪمراني ھجي. ڪا به نياڻي اغوا ڪري ان جو زبردستي مذھب تبديل نہ ڪيو وڃي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ملي ۽ زمينون آباد ھجن. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ گيس ڪوئلو، تيل سميت معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ شديد تڪليف ۽ سورن ۾ آهي سنڌي ماڻهن بيوس ۽ لاچار بڻيل آهن شاھوڪار ڌرتي جي ڌڻين جو ڪو والي وارث نہ آهي، پيپلزپارٽي پندرهن سالن کان ڪارڪردگي ناڪام ۽ ڪرپٽ رھي آھي پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن کي مسئلن ۽ مصيبتن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ قتل، اغوا، ڌاڙا، ڦرون ۽ ٻيا ڏوھ وڌي ويا آھن جيڪب آباد دادو ڪشمورڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي خيرپور ۽ ٻين ضلعن جا ڪافي ماڻھو ڏوھارين وٽ يرغمال آهن سنڌ ۾ خاص ڪري ڪنڌڪوٽ ۾ لاقانونيت، بدامني، ڦرون،ڌاڙا عروج تي آهن ۽ ڀنگ لاء ماڻهن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو۔ پوليس جاني ۽ مالي تحفظ ڏئڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، سنڌ جو عوام غلامي مان نجات لاء جدوجھد جي ميدان تي اچي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي عوام لاءِ جنھن تيزي سان روز نوان مسئلا، نوان خطرا، نوان عذاب پيدا ٿين پيا، انھن ۾ مُنڌل ۽ ڦاٿل عام ماڻھو توڙي سياسي ڪارڪن اڪثر سوچين ٿا تہ ڪھڙن چيلينجز کي منھن ڏئي ڪھڙن کي ڏجي؟ بيروزگاري، ڪرپشن، مھنگائي، لاقانونيت، انساني حقن جي لتاڙ، زرعي تباھي، تعليم، صحت، آبپاشي سميت سمورن ادارن جي بربادي، انتھاپسندي، وسيلن جي ڦرلٽ، دھشتگردن جي نين سازشن ۽ بدترين گورننس سنڌ جي اقتصادي، ترقياتي، سماجي ۽ سياسي وايومنڊل کي مڪمل گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آھي. زرعي تباھي، پيٽرول، ڪوئلي ۽ گيس تي ھڪ ھٽي، ڪڏھن يوريا جي کوٽ، ڪڏھن فصلن جا اگھ ڪيرائي ڇڏڻ، اٽي جي کوٽ، ڪارونجھر جي کوٽائي، ٻيٽن، زمينن ۽ ڳوٺن تي قبضا ، اھي سڀ عمل صرف ڌاڙا ناھن، اھي سنڌين جي نسل ڪُشي جي گھڻ رُخي حڪمت عملي جا مختلف سوچيل سمجھيل مرحليوار قدم آھن.قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي صدر رمضان رند خطاب ڪندي چيو تہ ھي ڪھڙي سنڌ آھي؟ ھاري ۽ ننڍا آبادگار تباھ ٿيندا وڃن ۽ مڊل مين، دلال، وزير، آفيسر ۽ وڏا واپاري ڪروڙ پتي، ارب پتي پيا ٿين.. سرڪاري بلڊنگون ۽ روڊ ٺھن ٿا ۽ سال ٻن کان پوءِ چاپوڙا پيا نڪرن؟ اسپتالن ۾ علاج ۽ اسڪولن ۾ علم ناھي؟ تيل، گيس، ڪوئلي، معدنيات ۽ سامونڊي پٽي جي دولت سان مالا مال کرب پتي سنڌ جي مظلوم ماڻهو دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن.سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي خطاب ڪندي چيو تہ سارين جو اگھ ڪيرائي آبادگارن جو معاشي قتل بند ڪيو سنڌ ۾ لھندڙ وڏن فصلن جا ھٿرادو نموني اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي لٽيو وڃي ٿو. جڏھن ڪڻڪ لھي ٿي تہ بارداڻو گم ڪيو وڃي ٿو، ڪمند تيار ٿئي تہ ان جو اگھ ڪاٺين کان بہ گھٽ ڪيو وڃي ٿو، ھاڻ سارين جو فصل مارڪيٽ اچڻ شروع ٿيو آهي تہ 5000 ھزار روپيا مان گھٽائي 4000 ھزار روپيا مڻ ڪري ڇڏيو آهي. زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪرڻ سبب غربت وڌي آھي۔ ھاري ۽ آبادگار کان وٺي مزدور تائين لکين عوام بدحالي جو شڪار ٿيو آھي.ڌرڻي کي دلدار رندا، ونود ميگھواڙ، حنيف باگراڻي، اياز لطيف رند، بچل احمداڻي،گيانچند مھيشوري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.