ڪراچي ۾ 2022ع جي ٻوڏ متاثرن کي ھڪ سال مڪمل، سماجي اڳواڻن پاران آجياڻو

گلشن سيد ٽينٽ سٽي جي اڳواڻ احمد شاھ ڪاظمي پاران سياسي سماجي شخصيتن، صحافين جي مان ۾ آجياڻو، محفل موسيقي سُر ورکا

ڪراچي ۾ 2022ع جي ٻوڏ متاثرن کي ھڪ سال مڪمل، سماجي اڳواڻن پاران آجياڻو

گڏاپ (رپورٽ اعجاز چانڊيو)ڪراچي نادرن باءِ پاس تي ويٺل برسات ۽ ٻوڏ متاثرين ماروئڙن کي ھڪ سال مڪمل ٿيڻ ۽ سندن خدمت ڪندڙ سماجي شخصيتن توڙي صحافين جي مان ۾ گلشن سيد ٽينٽ سٽي جي باني سياسي سماجي اڳواڻ سيد احمد شاھ ڪاظمي پاران محفل موسيقي جو پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنھن ۾ سياسي سماجي شخصيتن. اديب دانشورن. صحافين سيد اڪبر شاهه ڪاظمي. ابوبڪر چنا. لياقت بليدي. وقار وڳڻ. صحافين نصرالله جمالي. مير مرتضيٰ ڪيريو. عامر سپريو. عبدالعليم ميمڻ. نبي بخش خاصخيلي. نظير بھار وڌيو. اعجاز چانڊيو. محمد علي وگھيو. سردار مگسي. منصور چانڊيو. پير يونس چانڊيو. سميت برسات ۽ ٻوڏ متاثرن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سياسي سماجي اڳواڻ سيد احمد شاھ ڪاظمي. سيد اڪبر شاهه ڪاظمي چيو ته برسات ۽ ٻوڏ متاثرين کي اڄ ڪراچي ۾ آباد ڏسي دلي سڪون محسوس ڪري رھيو آھيان. برسات ۽ ٻوڏ سبب ھزارين خاندان به گھر ٿيا ھيا جن کي ڪراچي۾ آباد ڪرڻ ۽ انھن کي پنھنجي روزگار سان ڏسي خوشي محسوس ٿيندي آهي.
ھن چيو ته مھانگائي جي دور ۾ ڌرتي ڌڻين کي ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ آباد ٿيڻ گھرجي. ڪراچي ۾ ٻين صوبن مان ھزارين ماڻھون روزگار لاء تيزي سان آباد ٿيندا پيا وڃن. ڌرتي ڌڻين کي گھرجي ته ھو به ڪراچي کي پنھنجو ڪن.
ھتي آباد ٿي ننڍا ننڍا روزگار کولين اسين سندن حوصلا افزائي لاء تيار آهيون. پروگرام جي آخر ۾ گلشن سيد ٽينٽ سٽي کي ھڪ سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ پھرين سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.
محفل موسيقي ۾ سنڌ جو سريلي راڳي جنسار سمون قومي گيت ڳائي محفل ۾ ويٺل متاثرن جي چھرن تي مرڪون وکيڙي ڇڏيون.