English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ سوين ھارين ۽ نارين جو ماحولياتي انصاف مارچ,سڄي شھر جو گشت
173 views
|
15th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
امير ملڪن کان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ پاڪستان سميت غريب ملڪن جي ازالي جو مطالبو
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ۾ سوين ھارين ۽ نارين جو ماحولياتي انصاف مارچ,سڄي شھر جو گشت,پريس ڪلب اڳيان وڏو احتجاج ڪيو ويو،نعرا,امير ملڪن کان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ پاڪستان سميت غريب ملڪن جي تلافي جو مطالبو ڪيو ويو,ھارين جي حقن خاطر جدوجهد تيز ڪرڻ جو اعلان,رپورٽ موجب:ھاري جدوجھد ڪميٽي,پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي ۽ پاڪستان ريلوي ورڪرز يونين جي سڏ تي گذريل ڏينهن شڪارپور ۾ پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري فاروق طارق,سيم رائو,مجيب پيرزادو,شائسته بلوچ,سيد عبدالقادر شاه امروٽي,نعيم ٻرڙو,گلزار کوسو,علي کوسو,رفعت مقصود,ضيغم عباس,صائمه ضياء,عاشق ڊومڪي ۽ بين جي اڳواڻي ۾ سوين ھارين ۽ نارين پاران جھاز چوڪ کان ھڪ وڏو ماحولياتي انصاف مارچ ڪيو جيڪو شھر جو گشت ڪرڻ بعد شڪارپور پريس ڪلب پھتو جتي شريڪ سوين ماڻهن نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته دنيا جا امير ملڪ پاڪستان پاران ٻوڏ متاثرن جي امداد جا واعدا فوري طور پورا ڪن ۽ سنڌ حڪومت ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرن سميت سمورن بي زمين هارين ۽ ننڍن زميندارن کي معاوضو ڏئي ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ 75 هزار رپين بدران گهٽ ۾ گهٽ ڏھ لک في گهر لاء ڏنا وڃن،ھنن چيو ته فوسل فيول مان بجلي جي پيداوار بند ڪئي وڃي ۽ بجلي بحران کي حل ڪرڻ لاء هر گهر کي سولر پينل لڳائڻ لاءِ 5 لک رپيا ڏنا وڃن,ھنن چيو ته امير ملڪ پنهنجي واعدن جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن ڇو ته پاڪستان ۾ ٻوڏن ۽ برساتن سبب ٿيل تباهي عالمي سطح تي افسوسناڪ آهي تنهن ڪري دنيا جا امير ملڪ سي او پي 27 ۾ ٿيل معاهدي موجب پاڪستان کي فوري طور تي 10 ارب ڊالر ادا ڪن ۽ پاڪستاني حڪومت ان رقم سان سمورن ٻوڏ متاثرن جي فوري بحالي لاءِ قدم کڻي,ھنن چيو ته سنڌ ۾ بي زمين هارين کي معاوضي واري لسٽ مان ڪڍڻ سراسر ناانصافي ۽ استحصال آهي تنهن ڪري هارين جي نقصان جو فوري ازالو ڪيو وڃي،هنن چيو ته رڪ پمپنگ اسٽيشن ڳڙهي ياسين کي فوري طور تي 24 ڪلاڪ هلائڻ شروع ڪري اتان جاگيرداري نظام ختم ڪيو وڃي ۽ بي زمين هارين ۾ مفت زمينون ورهايون وڃن،ھنن چيو ته شڪارپور ۾ ريلي ڪڍي ماحولياتي انصاف جو مطالبو ڪرڻ آيا آهيون ته اسان جي نقصان جو فوري طور تي تلافي ڪئي وڃي,سندن چوڻ ھو ته پورهيت عوام کي منظم ڪري جاگيرداري نظام جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو ڇو ته سنڌ جا ٻوڏ متاثر اڄ به ڪئمپن ۾ آهن پر حڪومت انهن کي گهر ٺاهڻ بدران صرف قسطن ۾ ٽي لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته هن مهانگائي جي دور ۾ ٽن لکن ۾ حڪومت جي اسٽيمينٽ تي ھڪ ڪمرو ٺاھڻ به ناممڪن ناهي آهي،اڳواڻن چيو آهي ته ماحولياتي انصاف هڪ بنيادي انساني حق آهي ۽ ان نقطه نظر کان گذريل صديءَ جي صنعتي ترقي ۽ سرمائيداري مان واضح ٿئي ٿو ته امير ملڪ خاص طور تي اتر آمريڪا ۽ يورپ بنيادي انساني حقن کي وڏي دولت ۽ ترقي جي تعاقب ۾ پامال ڪيو ويو آهي,ھنن وڌيڪ چيو ته ماحولياتي تباهي جا ذميوار امير ملڪ آهن پر افسوس ته ان تباهي جو شڪار غريب ملڪن جا غريب ماڻهوَ ٿيا آهن تنهن ڪري امير ملڪن جي اها ذميواري آهي ته هو غريب ملڪن کي ماحولياتي تباهي سبب ٿيندڙ نقصانن جي تلافي ڪن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Sindh
Shikarpur
hari nari
0 تبصرے