نوشهروفيروز: ابڙان ڀرسان ڳوٺ جو رستو ٺاهڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

وڏيري جي چوڻ تي سندس ڇاڙتن سروي نمبر 241 مان نڪرندڙ رستي کي ڊاهي ڇڏيو آهي: ڳوٺاڻا

نوشهروفيروز: ابڙان ڀرسان ڳوٺ جو رستو ٺاهڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز( ڊ ر) ابڙان ڀرسان وڏيري جي چرچ تي هٿيار بندن ڳوٺ حافظ محمد لوڊو جو رستو ڊاهي ڇڏيو)مٺياڻي پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري ڳوٺاڻن جو احتجاج جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو خبر موجب ڳوٺ حافظ محمد لوڊو جي رهواسين ڏاترڏنو، شعبان علي،امجد علي لوڊو ۽ ٻين پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ داهيندي چيو آهي ته تر جي بااثر وڏيري جي چوڻ تي صفر،برڪت،غلام رسول،امداد،الهداد لوڊو ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي اسان جي پنهنجي سروي نمبر 241 مان نڪرندڙ رستي کي ڊاهي ڇڏيو آهي جنهن ڪري ڳوٺاڻن کي اچڻ وڃڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف پهچي ٿي ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو هٿيار کڻي رستو بند ڪري ويٺا آهن اهڙي دانهن اسان مٺياڻي ٿاڻي تي کڻي ويا سين ته ايس ايڇ او مٺياڻي سري عام انهن ڏوهاري ماڻهن کي ڪرسين تي ويهاري اسان کي چوي ٿو ته هنن مونکي پيسا ڏنا آهن اوهان به پيسا کڻي اچو ته هنن کي گرفتار ڪري اوهان جو رستو کولرايان ٿو نت جنهن کي وڻيو وڃي دانهن ڏيو هنن چيو ته اسان کي ڳو ٺ جو رستو بحال ڪري ڏنو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو