اديبن ۽ قلمڪارن استاد منظور علي خان کي صديء جو بهترين سنڌي ڪلاسيڪل راڳي قرار ڏئي ڇڏيو

مرحوم استاد منظور علي خان کي لفظن سان زبردست ڀيٽا پيش ڪندي محفل موسيقي پڻ منعقد ڪئي وئي

اديبن ۽ قلمڪارن استاد منظور علي خان کي صديء جو بهترين سنڌي ڪلاسيڪل راڳي قرار ڏئي ڇڏيو

ٽنڊوآدم (رپورٽر) اديبن. قلمڪارن. راڳ جي پارکوئن ۽ سنڌ جي شعور استاد منظور علي خان کي صديء جو بهترين سنڌي ڪلاسيڪل راڳي قرار ڏيندي گهر ڪئي آهي ته استاد منظور علي خان جي خدمتن عيوض سندس ڪم ۽ نالو نصاب ۾ شامل ڪرڻ سميت سنڌ لاءِ پاڻ وقف ڪندڙ راڳين جي واهر ۽ مالڪي ڪئي وڃي. اهڙو اظهار هنن مهاڪوسٽ پاران سنڌ جي مهان راڳي استاد منظور علي خان جي 43 هين ورسي جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مرحوم استاد منظور علي خان کي لفظن سان زبردست ڀيٽا پيش ڪندي محفل موسيقي پڻ منعقد ڪئي وئي. رپورٽ موجب قديمي ماڳن سميت سنڌ جي ثقافت، ثقافتي راندين، تاريخ ۽ امر ڪردارن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ مھراڻ ھسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي پاران سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان جي 43 هين ورسيءَ جي تقريب ٽنڊي آدم ۾ سندس گھر جي اوٽ ۾ ساند ھائوس ۾ منعقد ڪئي وئي. ورسي تقريب ۾ شھر جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي قومپرست پارٽين جي اڳواڻن سميت راڳ جي پارکن شرڪت ڪئي. ورسي تقريب کي خطاب ڪندي مقررن استاد منظور علي خان کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته جنھن بہ سنڌ جي مٽيءَ جي لڄ رکي ھن ڌرتي انھن شاعرن، اديبن، سياستدانن، توڙي فنڪارن کي ھميشه ھميشه لا۽ امرتا بخشي کيس دنيا ۾ امر بڻائي ڇڏيو ، ھنن چيو تہ ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان پڻ اھڙن امر ڪردارن ۾ اچي ٿو، ھنن چيو ته استاد منظور علي خان جي باري ۾ ڪميشن ڪندڙ شاگردن کان سوال ڪيا ويندا آھن، ھنن چيو تہ ھن عظيم ڪلاڪار جي پوئتي ڇديل فني زندگيءَ جي ثقافت کاتي ڪا به سارسنڀال نه لڌي آھي، استاد منظور علي خان درٻاري فنڪار نه ھو، سائين جي ايم سيد سان تمام گھڻي محبت ڪندو ھو، ڪاليج ۾ قومپرست تنظيمن جي پروگرامن جي صدارت به ڪيائين ۽ معاشي طور انھن جو مددگار به رھيو، ھنن چيو ته ھو ھڪ راڳي ته ھو پر ان سان گڏوگڏ بھترين انسان پڻ ھو، ھنن چيو تہ استاد شاهه لطيف ڀٽائي جي سر ماروي جو تمام گهڻو ماهر هو. استاد پنهنجي حياتي ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا جن ۾ محمد يوسف، انور وسطڙو، وحيد عليخان ، قمر سومرو، گلزار علي، دين محمد دمساز ۽ مختيار علي شيخ شامل آهن. استاد پرائيڊ آف پرفارمنس، شاهه لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا. ان موقعي تي پيش ڪيل قراردادن ۾ هنن مطالبو ڪيو استاد کي مڃتا طور شهر جي ڪنهن اهم هنڌ يا لائبريري سميت ڪنهن تعليمي اداري جو نالو استاد منظور علي خان رکيو وڃي. هر سال سرڪاري سطح تي استاد جي ورسي ملهائي وڃي، ميوزڪ استادن جي ڀرتي بعد نصاب ۾ استاد منظور علي خان جي خدمتن کي به پيش ڪيو وڃي، راڳ جي خدمت ڪندڙ راڳين جي سرڪاري سطح تي مالڪي ڪئي وڃي. ورسي تقريب ۾ سندس ڀائيٽيي نادر علي خان شيخ، مهاڪوسٽ جي زوهيب آچر خاصخيلي، ناليواري شاعر نور چاڪراڻي، عاشق حسين ساند، رياض حسين سنجراڻي، حبيب الله ساند، پروفيسر ياد شيخ، عبدالرحمان ساند، آل ساند سماجي اتحاد پاڪستان جي صدر غلام محمد ساند، غلام مصطفي ساند، اڳوڻو ڊي. ڊي. او تعليم سانگھڙ سيد عبيدالله شاھ، سينيئر صحافي وفا رضا بلوچ، جسقم جي الهداد مري، س ا س شاخ ٽنڊو آدم جي سڪريٽري ساگر ڏھراج، گل حسن لاکو، دودو پنھور، عامر وساڻ وجود، ايس يو پي جي باغي مجاهد ٿهيم، شفيع محمد ساند، ڪامريڊ محمد خان پنهور، امداد چانڊيو. سروري جماعت جي اخلاق ورياه، عوامي تحريڪ جي عقيل ماڪوڙاڻي، قومي عوامي تحريڪ جي زبير ماڪوڙاڻي، سماجي اڳواڻ رئيس زاهد مري، اڪبر جويو، سگا ٽنڊو آدم جي صدر غلام قادر ڀچو، سنڌ پريس ڪلب ٽنڊو آدم جي صدر خالد خاصخيلي، عبدالرزاق سنڌي، امان الله انڙ، نانڪ رام سيجواڻي، حاجي انور علي سومرو، خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جي شير محمد خاصخيلي، مولا بخش خاصخيلي پڻ خطاب ڪيو، ورسي تقريب ۾ قلمڪارن، اديبن، راڳ جي پارکوئن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪلاسيڪل راڳ جي محفل منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ استاد دين محمد دمساز، هدايت گلزار، شاهد جبار جوڻيجو ۽ حمير علي خان سميت ٻين راڳ ڳائي ڀيٽا پيش ڪئي. ان کان اڳ استاد منظور علي خان جي خاندان وارن استاد نادر علي خان جي اڳواڻي ۾ سندس ايصال ثواب لا۽ حاجي اسماعيل شاهه قبرستان ۾ سندس آخري آرامگاهه گلن جي چادر چاڙھي دعا ڪئي استاد منظور علي خان جي ڀائيٽين پاران خيرات في سبيل الله جو پڻ انتظام ڪيو ويو.