حيدرآباد ۾ مڙس کان ڪاوڙجي پيءَ جي گهر آيل ناري ۽ سندس معصوم ڌيءَ جا گولي لڳل لاش هٿ

28ورهين جي ريشم چانڊيو ۽ سندس ڌيءَ امائرا جا لاش مليا، ناري جي هٿ ۾ پسٽل هو: پوليس

حيدرآباد ۾ مڙس کان ڪاوڙجي پيءَ جي گهر آيل ناري ۽ سندس معصوم ڌيءَ جا گولي لڳل لاش هٿ

حيدرآباد: قاسم آباد ۾ ڏهراج پلازه ۾ والد جي گهر مان ناري ۽ سندس معصوم ڌيءَ جا گولي لڳل لاش هٿ، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب ناري جي سڃاڻپ 28 ورهين جي ريشم زال عبدالفتاح چانڊيو جي نالي سان ٿي آهي، ناري جي هٿ مان ٽي ٽي پستول به مليو سندس هڪ سال جي معصوم نياڻي امائره کي به گولي لڳل آهي، واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ مختلف ٽيمن کي گهرايو آهي، ناري جي شادي ڪوٽڙي واسي عبدالفتاح چانديو سان ٿيل هئي جيڪا هڪ ڏينهن اڳ مڙس کان ناراض ٿي والد استاد افتخار چانڊيو وٽ رهڻ لاءِ آئي هئي