English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪاررايون شروع
35 views
|
07th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
اسحاق کھڙو ڊي جي طور ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ آفيسرن کي طلب ڪري ورتو
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ اسحاق کھڙو جي ڊائريڪٽر جنرل مقرريءَ کانپوءِ ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪاررايون شروع، اسحاق کھڙو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ فوري طور آفيسرن کي طلب ڪري ورتو، پي اي سي ايڇ ايس ۽ ڪراچي ايڊمن سوسائٽي ۾ غير قانوني تعميرات جي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل خبر جو ڊي جي نوٽيس ورتو غير قانوني تعميرات جي اجازت ڏيندڙ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالسميع کان ٽن ڏينھن ۾ وضاحت طلب ڪئي وئي، ڊائريڪٽر جنرل اسحاق کھڙو موجب ٽن ڏينھن ۾ نوٽيس جو جواب نھ ڏيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل ڊپٽي ڊائريڪٽر خلاف ريگيوليشن رولز 4، موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، لاڳاپيل آفيسر کي ھدايت ڪئي وئي آھي تھ پي اي سي ايڇ ايس ۽ ڪراچي ايڊمن سوسائٽي ۾ غير قانوني تعميرات بابت جامع رپورٽ ٽن ڏينھن اندر جمع ڪرائي وڃي، ڊائريڪٽر جنرل اسحاق کھڙو ايس بي سي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد جليس صديقي کي ھدايت ڪئي آھي تھ ضلع اوڀر ۾ اسڪيم 33 ۾ غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث آفيسرن جي تفصيلي رپورٽ ٽن ڏينھن ۾ پيش ڪئي وڃي، ڊائريڪٽر جنرل اسحاق کھڙو جو چوڻ آھي تھ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ ڪٿي بھ غير قانوني اڏاوت برداشت نھ ڪئي ويندي، ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪنھن بھ ضلعي ۾ جيڪڏھن قانون موجب اڏاوت ٿي رھي آھي ۽ انهن کي ڪو مسئلو آھي ته ان کي فوري طور حل ڪيو وڃي، اڳوڻي سسٽم سان ڪم ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، شهرين کي قانوني اڏاوتن ۾ فوري مدد فراهم ڪئي وڃي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
SBCA
Sindh Building Control Authority
0 تبصرے