ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ کي بچائڻ لاءِ ڳوٺاڻا ڇهين ڏينهن به سراپا احتجاج بڻيل

نور محمد ڳوٺ کي ڊاهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي: رهواسي

ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ کي بچائڻ لاءِ ڳوٺاڻا ڇهين ڏينهن به سراپا احتجاج بڻيل

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ کي بلڊر مافيا. اينٽي انڪروچمينٽ سيل. روينيو عملي. پوليس چڙھائي ڪري ڳوٺ کي ڊاھڻ واري سازش خلاف ڳوٺاڻان ڇھين ڏينهن به پنھنجا اجھا بچائڻ لاء احتجاج جاري رکيو. ڪيمپ تي سياسي سماجي تنظيمن. قومپرست پارٽين جي اڳواڻن سنڌ نيشنل پارٽي. ايم ڪيو ايم پاڪستان. اي اين پي. پيپلزپارٽي. جماعت اسلامي. ن ليگ سميت ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، تفصيل موجب ڪراچي اسڪيم 33 جي قديمي ڳوٺ نور محمد برفت ڳوٺ کي بلڊر مافيا اينٽي انڪروچمينٽ روينيو کاتي پاران امڪاني طور ڊاھڻ خلاف ڳوٺاڻن نور خان برفت. صفدر ابڙو. سياسي سماجي اڳواڻ سيد احمد شاهه ڪاظمي۔ ايس اين پي اڳواڻ رمضان بليدي. سماجي اڳواڻ سيد اڪبر شاھ ڪاظمي۔ لياقت بليدي۔ ڪامريڊ وقار وڳڻ. رجب لاشاري. نديم جمالي. عبدالستار برفت. طارق خان غازي. سردار ملڪ نادر. جماعت اسلامي جي امير ستار بگٽي. ڊاڪٽر امتياز پالاري. سنڌ راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻ سيد قمبر علي شاھ. پ پ اڳواڻ حاڪم علي جسڪاڻي. تاج وساڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڪيمپ تي ويٺل رھيا. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ سيد احمد شاھ ڪاظمي چيو ته ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ سميت سنڌي ڳوٺن جا وارث اسين سنڌي آھيون. پنھنجي ڳوٺن جي ھر محاذ تي مالڪي ڪرڻ اسان جو فرض آهي. ڪراچي ۾ قائم اسان جا ڳوٺ قديمي آھن اسين هن ڌرتي جا مالڪ ۽ وارث آھيون ۽ پنهنجي ڌرتي پنهنجي ڳوٺن جي مالڪي ڪرڻ خوب ڄاڻون ٿا اسين پاڪستان ٺھڻ کان اڳ جا هتي آباد آھيون اسين ھجرت ڪري ناهيون آهيان اسان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجا ڳوٺ ڊاهڻ نه ڏينداسين جيڪڏهن اسان کي مزاحمت ڪرڻي پئي ته مزاحمت به ڪنداسين.ايس اين پي جي اڳواڻ رمضان بليدي چيو ته مسلسل اٺن ڏينهن کان ڌرتي ڌڻي پنهنجا اجها بچائڻ لاء احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويٺل آھن. پرافسوس هن ڳوٺاڻن سان انتظاميا توڙي نگران ۾ ويٺل نمائندہ ڳالهين لاء ناهن پهتا. سنڌ نيشنل پارٽي هن ڳوٺاڻن سان هر محاذ تي گڏ آھي اسين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هاء ڪورٽ سنڌ ۽ نگران حڪومت کان پرزور مطالبو ٿا ڪيون ته ڳوٺاڻن جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن. اڳوڻي يوسي چيئرمين نورخان برفت جو چوڻ هو ته اسين سياسي سماجي اڳواڻن ساڃاهه وندن ۽ سول سوسائٽي جا انتهائي ٿورائتا آھيون جيڪي اسان جي ڌرڻي ۾ اسان سان گڏ يڪجهتي طور شامل ٿيا ۽ اسان سان گڏ بيٺل آھن هن چيو ته هن مهانگائي جي دور ۾ نورمحمد ڳوٺ جا مسڪين پورهيت پنهنجا اجها بچائڻ جي لاء مسلسل اٺن ڏينهن کان وٺي مين روڊ تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ويٺا آھن پر هن محل تائين ڪو به انتظاميا جو ماڻھون اسان سان ڳالهين لاء ناهي پهتو ھن چيو ته اسان جي ھي پر امن احتجاجي ڪيمپ ايستائين جاري رهندي. جيستائين ان ڳاله جو اسان کي يقين نه ٿو ڏياريو وڃي ته نور محمد ڳوٺ خلاف ھاڻي ڪابه سازش نه ڪئي ويندي ۽ اسان کي مالڪاڻان حق ڏئي ڳوٺ کي پڪو نٿو ڪيو وڃي. مظاھرين سپريم ڪورٽ. سنڌ ھاءِ ڪورٽ. نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نور محمد ڳوٺ خلاف سازشون ڪندڙ بلڊر مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڳوٺاڻن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي