English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي تحريڪ نوشهروفيروز پاران سنڌ ۾ بدامني جي مذمت
131 views
|
04th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي: نور احمد ڪاتيار
نوشهروفيروز(ڊ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند،ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، ايس ايس ٽي جي اڳوڻ علي محمد وڪو پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرس پھتا. ان موقعي تي پريس ڪانفرس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته وفاقي ۽ صوبائي سرڪار سنڌ جي عوام کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي. ڌاڙيل رياستي رٽ کي چئلينج ڪريو ويٺا آھن. عوام پڇڻ ٿو چاھي ته ڇا رياست کان ڌاڙيل طاقتور آھن يا رياست؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ ڌاڙيل گردي خلاف تحرڪ ۾ اچي. ڌاڙيلن خلاف فيصلا ڪن آپريشن جي ضرورت آهي. پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ حڪومت سنڌ کي ڌاڙيل گردي جي ور چاڙهي ڇڏيو آھي. سنڌ ۾ هلندڙ ڌاڙيل گردي پٺيان سردارن ۽ جاگيردارن جو هٿ آهي. رياستي ادارا ڌاڙيلن جا سرپرست بڻيل آهن. هن چيو ته سنڌ جو عوام رياستي ادارن کان اهو سوال ٿو ڪري ته سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ رهندڙ ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ڪٿان پيا اچن؟ ڪچي جي ڌاڙيلن کي نيٽو ۽ طالبانن جا اسمگل ٿي پھتل هٿيار ملڪي سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آهن رياست سنڌ ۾ امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. سنڌ پوليس ڌاڙيلن جي سهولت ڪار بڻيل آهي. ڌاڙيل غريب مسڪين سنڌي عوام کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آهي. ڌاڙيل مغوين جي وارثن کان ڪروڙين روپيا ڀنگ اوڳاڙي رهيا آهن. انھن معصومن جون پڪارون رياستي ادارن ۽ ملڪي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ناڪامي کليو ثبوت آهن. عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ جي سردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ جاگيردارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گڏ سنڌ جي ڪچي ۾ فيصلا ڪن آپريشن وسيلي عوام لاءِ عذاب بڻيل ڌاڙيلن جي پاڙ پٽي وڃي. هن چيو ته جاگيرداري نظام سنڌ کي جهنم بڻائي ڇڏيو آهي. معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قتل انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جھڪائي ڇڏيو آهي. فاطمه ڦرڙو جي قاتل پيرن ۽ شاهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي هڪڙي طرف سنڌ کي ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي اوڙاھ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي زمينن جي نيلامي جو مڪمل بندوبست ڪري سنڌين کي بي دخل ڪرڻ جو هر طرفو بندوسبت ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي 13 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين کي نيلام ڪرڻ جي ناپاڪ سازش ڪري تاريخي غداري ڪئي آهي. ڊجيٽل آدمشماري وسيلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري لکين غير ملڪين کي سنڌ ۾ آڻي سنڌين جو هر طرفو استحصال ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ حسين سومرو، سميع عطا، ستار عمراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
awami tahreek
noshahroferoz
0 تبصرے