English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مغوين جي بازيابي تائين مظاهرين کي ڪشمور وارو ڌرڻو ختم نه ڪرڻ گهرجي: اياز لطيف پليجو
192 views
|
03rd Sep 2023
•
سنڌي خبرون
ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل پوليس ڌرڻو ھڻي ويٺل شھرين ۽ مغوين جي وارثن کي ڌمڪيون ڏيڻ کان پاسو ڪري
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ مغوي جگديش ڪمار، ڊاڪٽر منير احمد نائچ، ساگر ڪمار، معصوم پريا ڪماري، جئديپ ڪمار ۽ ٻين مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي. ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل پوليس ڌرڻو ھڻي ويٺل شھرين ۽ مغوين جي وارثن کي ڌمڪيون نہ ڏئي. لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ڌاڙيلن، جرڳائي سردارن ۽ وڏيرن جي رحم ۽ ڪرم تي آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھٿ وٺي ڏوھارين کي طاقتور ڪيو ويو آھي. ڪنھن سردار، وڏيري ۽ جاگيردار کي اغوا نٿو ڪيو وڃي. پورھيت، معصوم ٻار ۽ ننڍو ڪاروبار ڪندڙن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو ۽ پوء لکين روپيا ڀنگ طلب ڪئي وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس رڳو غريب ماڻھن کي تنگ ڪري ٿي. پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات جو ڪاروبار ھلي رھيو آھي. پوليس ڏوھن کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام وڃي چڪي آھي. حڪومت چاھي تہ ڌاڙيل راڄ ختم ٿي سگھي ٿو پر ھٿ وٺي ڏوھن کي ختم نٿو ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي مغوين جي بازيابي لاءِ ڌرڻو ھڻي ويٺلن سان مخاطب ٿيندي چيو تہ عوام ئي وڏي طاقت آھي. عوام چاھي تہ حڪمرانن جا تختا اونڌا ٿي وڃن. انڪري ثابت قدم رھي مغوين کي بازياب ڪرائي سگھجي ٿو. مغوين جي بازيابيءَ تائين ڪنھن بہ صورت ۾ ڌرڻو ختم نہ ڪيو وڃي. ثابت قدم جدوجھد رنگ لائيندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Sindh
Hyderabad
Kashmore
QAT
Qoumi awami tahreek
Sindhyani tahreek
sindhiani
0 تبصرے