ڏهرڪي ويجهو ٻن ڀائرن ۾ هلندڙ زمين جي تڪرار تان نوجوان قتل

هڪ ڌر جي هٿياربندن جو گهر تي حملو، 18 ورهين جو فرمان پٽ فريد ڪوڀر مارجي ويو

ڏهرڪي ويجهو ٻن ڀائرن ۾ هلندڙ زمين جي تڪرار تان نوجوان قتل

ڏھرڪي (رپورٽ نويد چغتائي) ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ جيوڻ ڪوڀر ۾ زميني تڪرار تان ڪوڀر برادري جي ٻن ڀائرن هلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو آهي جنهن بعد هڪ ڌر جي هٿياربندن گهر تي حملو ڪري 18 سالا ڳڀرو نوجوان فرمان پٽ فريد ڪوڀر کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا جنهن بعد نوجوان جي وارثن پاران نوجوان کي زخمي حالت ۾ کڻائي ڏهرڪي جي سول اسپتال پهچي جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان فرمان ڪوڀر فوت ٿي ويو جنهن بعد پوليس ضروري ڪاروائي بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن فريد ڪوڀر۔اسلام ڪوڀر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 4 ڏينهن اڳ ڏينهن اڳ زميني تڪرار بعد مقصود ڪوڀر جيڪو ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهن جنهن اسان کان 5 روپيا ڀتو گهريو جنهن بعد اسان پاران ڀتو ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي مقصود ڪوڀر مڇرجي پنهنجي پٽ عامر ۽ منهنجي چاچي گل حسن۔مظهر۔مجيد ۽ شريف ڪوڀر ۽ ٻين سان گڏجي اسان جي ڏهن ايڪڙن تي پوکيل وئڻڻ ۽ هڪ ايڪڙ تي پوکيل ڪمند جي تيار ٿيل فصل مٿان رات جي اونداهي ۾ زهريلي دوا جو اسپري ڪري کيس فصل ساڙي تباه ڪري ڇڏيو هو جنهن بعد انهن جي اهڙي زيادتي خلاف اسان پوليس ۽ ميڊيا وٽ پهچي احتجاج ڪيو ته ويتر انهن مڇرجي ٻه ڏينهن اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪري اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏو گڏ اسان جي زمين ڏانهن ايندڙ واٽر ڪورس پڻ ڊاهي پٽ ڪري ويا جنهن بعد اسان هٿياربندن پاران گهر مٿان حملو ڪري کيس موت مار ڌمڪيون ڏيڻ بابت ايس ايڇ او ڏهرڪي ظهير ڀٽو آڏو دانهون ڪيون پر ايس ايڇ او پاران بروقت جوبدارن خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ بدران اسان کان موبائل جي تيل ۽ خرچ پاڻي جي گهر ڪندو رهيو جنهن بعد پوليس جي اهڙي سستي دوران مقصود ڪوڀر ۽ سندس پٽ عامر ڪوڀر منهنجي چاچي ۽ سوٽن سان گڏجي ٻيهر حملو ڪري اسان جي ڳڀرو نوجوان کي اسان جي اکين سامهون گوليون هڻي قتل ڪري ويا آهن انهن چيو ته اسان جو نوجوان ايس ايڇ او ڏهرڪي جي لاپرواهي سبب قتل ٿيو آهي انهن دانهون ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڏهرڪي پوليس جوبدارن خلاف بروقت ڪاروائي ڪري ها ته اسان جو نوجوان قتل نه ٿئي ها انهن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳڀرو نوجوان کي بيگناه قتل ڪندڙ جوبدران خلاف ڪاروائي ڪري ڏهرڪي پوليس جي لاپرواهي جو نوٽس وٺي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي هوڏانھن ڏھرڪي پوليس مقتول جو لاش ڏھرڪي اسپتال پھچڻ باوجود به نه پھتي جنھن خلاف مقتول جي وارثن باءِ پاس ڏھرڪي تي مقتول جو لاش رکي ڌرڻو ھنيو نتيجي ۾ پنجاب ڏانھن ويندڙ ٽريفڪ ھڪ ڪلاڪ تائين معطل ٿي وئي بعد ۾ ڊي ايس پي اوٻاوڙو ڌرڻي واري ھنڌ پھچي متاثرين کي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. جڏهن ته مقتول جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو جڏھن تہ سندس امڙ ۽ پيرسن ڏاڏي کي بيھوشي جا دوران پئجي رھيا ھئا.