English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ڪجھ ضلعن کي صحافين، عورتن، ٻارن ۽ انساني حقن جو مقتل گاھ بڻايو ويو آهي: پليجو
views
|
25th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
عوام خاموشي سان ھڪ ھڪ ٿي ظلم جو نشانو بڻجڻ بدران، پنھنجي ذاتي ۽ قومي تحفظ ۽ بقا لاءِ اٿي پوي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ جي ڪجھ ضلعن کي صحافين، عورتن، ٻارن ۽ انساني حقن جو مقتل گاھ بڻايو ويو آهي، 13 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃان تائين شھيد جان محمد مھرجا قاتل گرفتار ٿي نہ سگھيا آهن. ھي ڪٿان جو قانون ۽ انصاف آهي. اياز لطيف پليجي سنڌ جي عوام سان مخاطب ٿيندي چيو تہ خاموشي سان ھڪ ھڪ ٿي ظلم جو نشانو بڻجڻ بدران، پنھنجي ذاتي ۽ قومي تحفظ ۽ بقا لاءِ اٿي کڙا ٿيو، سوال پڇو، ڳالھايو ۽ احتجاج ڪريو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ آئين، قانون جي حڪمراني ۽ برابري کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگھي. شفاف اليڪشن ٿي تہ عوام ڪرپٽ مافيا کي رد ڪري ڇڏيندو. مھانگائي سبب غربت ۾ اضافو ٿيو آھي. معاشي پاليسيون عوام دشمن آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھٿ وٺي بدامني جي باھ ٻاري وئي آھي تہ جيئن ماڻھو مجبور ٿي ڪرپٽ وڏيرن جي بنگلن تي وڃن. 15 سالن جي حڪمراني دوران پيپلز پارٽي چاھي ھا تہ سنڌ جي ٻھراڙين ۾ روڊن جو ڄار پکيڙي ڇڏي ھا. پاڻي کوٽ ختم ڪري زراعت کي بحال ٿو وڃي ھا. تعليم جو معيار بھتر ٿو وڃي ھا. بيروزگار نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ملي وڃن ھا. ھر شھر ۽ ڳوٺ کي گئس، بجلي سميت پيئڻ جو صاف پاڻي فراھم ٿئي ھا. پر اڄ شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ هيپاٽائٽس، ڪينسر، ايڊز ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آھن. اسپتالن ۾ علاج ناھي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم ناھي. سنڌ جي گھٽي گھٽي ۾ منشيات جو ڪاروبار ھلي رھيو آھي. نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي. پوليس امن امان بدران ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي سرپرستي ڪري رھي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
QAT
Ayaz Latif Palejo
Palijo
qoumi awami tahreek sindhyani
0 تبصرے