سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ پاران حيدرآباد ۾ بک هڙتالي ڪيمپ جاري

شھيد فاطمه ۽ صحافي جان محمد مھر جي سمورن قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي: اياز لطيف پليجو

سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ پاران حيدرآباد ۾ بک هڙتالي ڪيمپ جاري

حيدرآباد(بيورو) سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ راڻيپور ۾ شھيد فاطمه ڦرڙو ۽ ٻين نياڻين، شھيد جان محمد مھر ۽ ٻين صحافين ۽ معصوم ٻارڙن جي قتل خلاف ٻئي ڏينھن بہ حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان بک ھڙتال جاري رکي. جڏھن تہ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو ڪئمپ تي پھتو، رات دير تائين ڪئمپ تي رھيو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، رفيعہ پليجو، نصرت خاصخيلي، فرحانه سولنگي، صبا سمون، زاھده شيخ، انساني حقن جي ڪميشن جي ڪوآرڊينيٽر غفرانا آرائين، ساجده ابڙو سميت سوين عورتون شريڪ ٿيون. جڏھن تہ احتجاج دوران عرفان جسڪاڻي، ھالار خان ويسر، مشتاق اڄڻ ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ پھتا. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو تہ شھيد فاطمه ۽ صحافي جان محمد مھر جي سمورن قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسٽيبلشمينٽ پنھنجن مفادن لاءِ پيپلز پارٽي کي سنڌ تي مڙھيو آھي. نواز شريف ۽ پي ٽي آئي جي جھيڙي ۾ سنڌ کي ڪرپٽ پيٽي ٺيڪيدار پيپلز پارٽي جي حوالي ڪيو ويو آھي، جنھن جا نتيجا انتھائي خطرناڪ نڪري رھيا آھن. حڪومت، پيرن ۽ سردارن سنڌ کي نياڻين ۽ ٻارن جي مقتل گاھ بنائي ڇڏيو آھي. عورتن ۽ اقليتن سان زيادتين خلاف حڪومت ۽ عدليه ڪردار ادا ڪري. معصوم فاطمه ۽ جان محمد مھر جي قتل ۾ بااثر شخصيتون شامل آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن ۽ ٻارن جي قتل خلاف بک ھڙتال اھم قدم آھي. پاڪستان جي مسئلن جو حل حقيقي، منصفاڻي ۽ جمھوري فيڊريشن ۾ آھي. حڪمرانن جي ايجنڊا مان عورتون، ھاري، اقليتون ۽ مزدور گم آھن. پاڪستان ۾ سموريون حڪومتون عورتن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رھيون آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ وڏيرن ۽ جاھل مردن جي حاڪميت ۽ مظلوم عورت جي غلامي جاري آھي. خودمختيار وجود ۽ برابري جي زندگي نياڻين جو بنيادي حق آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان کي ھڪ نئين اقتصادي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آھي. غلط آدمشماري جي بنياد تي وسيلن ۽ سياسي نمائندگي تي ڌاڙي جو منصوبو آھي. بجلي، پئٽرول ۽ گئس جون قيمتون گھٽايون وڃن. سمورا غير قانوني پرڏيھي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت عورتن تي تشدد ۽ حراسمينٽ جي واقعن کي روڪي. سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ نياڻين ۽ صحافين کي قتل ڪرڻ جو نوٽيس وٺي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي سمورن مسئلن جي ذميوار پيپلز پارٽي آھي. پيپلز پارٽي 15 سالن جي حڪمراني ۾ وڏيرا شاھي، جاگيرداري ۽ سرداري نظام کي ايترو مضبوط ڪيو آھي جو معصوم ٻار اغوا ڪري ڌاڙيل انھن جون وڊيوز جاري ڪن ٿا. معصوم نياڻين کي وحشت ۽ بربريت جو نشانو بنايو وڃي ٿو، نوجوانن کي اغوا ڪري قتل ڪيو وڃي ۽ پوءِ جرڳا ڪري ڏوھارين کي آجو ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سپريم ڪورٽ کي نسلا ٽاور تہ نظر آيو پر ڪندڪوٽ ڪشمور، خيرپور، گھوٽڪي ۽ ٻين ضلعن ۾ معصوم ٻارن ۽ ماڻھن جو اغوا، قتل نظر نٿو اچي. چيف جسٽس عمر عطابنديال کي معصوم شھيد فاطمه ڦرڙو جو لاش نظر نٿو اچي. سپريم ڪورٽ کي جان محمد مھر جو قتل نظر نٿو اچي. عدالتن سنڌ کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي.سنڌ ۾ ڪرائي جا قاتل پيدا ڪيا ويا آھن. ڏوھارين جا ٽولا پيدا ڪيا ويا آھن. نگران حڪومت پيپلز پارٽي جي مرضي سان آئي آھي. سنڌ ۾ ھڪ بادشاھت قائم آھي. سنڌي ماڻھن کي حقن بدران پنايو پيو وڃي. پنڻ وارا حقن جي ڳالھ نه ڪندا آھن، آھي جدوجھد ۽ جنگ نہ ڪندا آھن. وڏيرن، سردارن، پيرن اڳيان ھٿ ٻڌي خاموش ويٺل ماڻھو فاطمه ڦرڙو ۽ شھيد جان محمد مھر جي قتل تي بہ خاموش آھن. ھوڏانھن سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ ۾ روزانو معصوم نياڻيون اغوا ڪري لڄالٽ بعد قتل ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ ۾ انصاف بدران جرڳائي نظام مڙھيو ويو آھي، جنھن ڪري نياڻين جا قاتل، معصوم ٻارڙن جا قاتل، صحافين، نوجوانن ۽ پورھيتن جا قاتل آزاد گھمي رھيا آھن. معصوم شھيد فاطمه ۽ صحافي جان محمد مھر جي قاتلن کي ڦاسي ڏني وڃي. ايس جي ايس ٽي جي صدر رفيعہ پليجو چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت، ظلم ۽ بربريت آھي، ھتي روزانو انصاف جو قتل ٿئي ٿو. حڪمران سنڌ جا وسيلا نيلام ڪري رھيا آھن. ڌاڙيل ماڻھو اغوا ڪري رھيا آھن. معصوم نياڻين کي وحشت جو نشانو بنائي قتل ڪيو پيو وڃي. معصوم فاطمه ڦرڙو کي وحشت جو نشانو بنايو ويو. نصرت خاصخيلي چيو تہ معصوم فاطمه ڦرڙو جو قتل واقعو لڱ ڪانڊاريندڙ آھي. سفاڪ قتل جي ڪري انسانيت جو ڪنڌ جھڪيل آھي. نصرت خاصخيلي چيو تہ سنڌ ۾ ڪو به ماڻھو محفوظ ناھي. صرف حڪمران ۽ انھن جا خاندان محفوظ آھن. حڪمرانن سنڌ کي سانحن جي سرزمين بنائي ڇڏيو آھي. معصوم فاطمه ۽ صحافي جان محمد مھر جو قتل دھشتگردي آھي. طاقتور ماڻھو قاتلن کي بچائي رھيا آھن. انساني حقن جي اڳواڻ غفرانا آرائين چيو تہ شھيد فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مھر جي قتل جي ڪري جيتري به مذمت ڪجي گھٽ آھي. وحشتناڪ واقعن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي ڪري سڄي سراپا احتجاج آھي. فرحانه سولنگي چيو تہ سنڌ معصوم نياڻيون، ٻار ۽ نوجوان قتل ٿي رھيا آھن.