English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر سجاول طاهر علي ميمڻ جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر جا دڪانن ۽ گودامن تي ڇاپا
48 views
|
24th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
اسسٽنٽ ڪمشنر فاطمه صائمه احمد پاران مختلف دڪانن، رائس ملن ۽ زرعي شين جي گدامن تي ڇاپا هنيا ويا
سجاول(گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول طاهر علي ميمڻ جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول فاطمه صائمه احمد ۽ ايگريڪلچر اينڊ مارڪيٽنگ ڪميٽي ضلعي ٺٽي ۽ ضلعي سجاول جي انچارج الله ڏنو ٿيٻو جون مختلف دڪانن، رائس ملن ۽ زرعي شين جي گدامن تي اچانڪ ڇاپو ھنڻي ذخيرو ڪندڙ يوريا ڀاڻ جي واپارين خلاف ڪارروائي ڪري ڏنڊ وڌو ,جڏھن ته ڇاپي دوران ھڪ ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جنھن ۾ 12 سئو ٻوريون يوريا ڀاڻ سان ڀريل ھيون جنھن کي محفوظ ھنڌ تي منتقل ڪري سرڪاري اگھ تي وڪرو ڪرايو ويندو انھيءَ موقعي اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول فاطمه صائمه احمد ۽ ايگريڪلچر اينڊ مارڪيٽنگ ڪميٽي ضلعي ٺٽي ۽ ضلعي سجاول جي انچارج الله ڏنو ٿيبو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڄي سنڌ جيان سجاول ضلعي ۾ يوريا ڀاڻ جي تمام گھڻي کوٽ پيدا ٿي رھي آھي جڏھن ته سجاول ضلع ۾ واپارين پاران يوريا ڀاڻ جا ھٿ ٺوڪيا ريٽ مقرر ڪري بليڪ تي وڪرو تي رهيا آھن،اسان کي آبادگارن پاران شڪايتون مليون ھيون جنھن سبب اسان عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ڇاپا هنيا آهن، هڪ ٽرالر کي12 سؤ يوريا ڀاڻ سان ڀريل تحويل ۾ ورتو ويو آهي، جيڪو سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪرايو ويندو.بليڪ ۾ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ دڪاندارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي انھن وڌيڪ چيو آهي ته سجاول ضلعي جي آبادگارن کي ريليف ڏيارڻ اسان جو اولين فرض آهي ۽ عوام کي گھرجي ته سرڪاري اگھ تي ڀاڻ جي خريداري ڪن، وڌيڪ اگھ وٺندڙ بليڪ مافيا خلاف شڪايتون اسان تائين پهچائيندا تہ اسان کي انھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪنداسين انھيءَ موقعي تي نياز محمد کوسو،فرحان موڙاھي، علي ميمڻ، الطاف ميمڻ، ڏاڏا جهتيال ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
sajawal
Assistant
Commission
Commissioner
fatima saima
tahir memon
0 تبصرے