English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌياڻي تحريڪ پاران راڻيپور ۾ نينگري فاطمھ واري لک ڪانڊاڙيندڙ واقعي جي مذمت
149 views
|
16th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
معصوم نياڻي فاطمه کي مبينا زيادتي بعد تشدد ڪري قتل واري واقعي انسانيت جو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو آھي: اڳواڻ
حيدرآباد (بيورو) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون زاھد شيخ،نصرت خاصخيلي ناھيد جوڳي، رفيعہ پليجو، امير زادي برھماڻي، بختاور چنڊ آمنہ ڪنڀار راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو کي وحشي جوابدار فياض شاھ زيادتي ڪرڻ بعد تشدد ڪري قتل واري واقعي تي انتھائي افسوس جو اظھار ڪندي چيو تہ راڻيپور وارو واقعو لڱ ڪانڊاريندڙ ۽ انتھائي بي حسي جو نتيجو آھي۔ هن واقعي اڄ انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي، هي واقعو سماج جي پدر شاهي نظام جو عڪس آهي، ڪيس جي گھڻ رخي جاچ ڪري جوابدار کي منطقي انجام تائين پھچائي سخت سزا ڏني وڃي ھنن اڳواڻن چيو تہ قانون جي حڪمراني سان عوام کي انصاف ملي سگھي ٿو۔ اسان وٽ جيڪو طاقتور آھي اھو قانون کي پنھنجي پيرن ھيٺان لتاڙي ٿو۔ ڪمزور عوام تي ظلم ڪري ٿو۔ قانون ۽ آئين ۾ سڀ برابر آھن معصوم ٻارڙن ۽ عورتن کي زيادتي ڪندڙن جوابدار کي بنا ڪنھن رعايت جي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ھا تہ اڄ نئون ڪوٽ جھڙو واقعو پيش نہ اچي ھا. سنڌ ۾ ڪڏھن تانيہ تہ نائلا رند ڪڏھن ڊاڪٽر نمرتا بيگناھ قتل ڪئي وڃي ٿي، جيڪو ڪجھ ڏينھن تائين ھاءِ پروفائل ڪيس رھي ٿو ۽ حڪمران روايتي طور تي نوٽيس وٺن ٿا ۽ جاچ جي نالي ۾ سڀني جو ڌيان ٻي طرف منتقل ڪري وري ڪا نئين ڪربلا سامھون اچي ٿي. ھنن اڳواڻن چيو تہ حڪمرانن سنڌ کي المناڪ سانحن جي سرزمين بنائي ڇڏيو آھي. ڪو قانون ناھي، تحفظ رڳو حڪمرانن کي آھي، سيڪيورٽي رڳو انھن لاءِ آھي، پوليس ۽ ٻيا ادارا متحرڪ ۽ خبردار رڳو حڪمران طاقتن لاءِ آھن، باقي عام ماڻھو قتل ٿيڻ کانپوءِ بہ انصاف کان محروم آھي. ڪا نہ ڪا سفارش، رشوت ۽ جرڳو خون لوڙھي ڇڏي ٿو ۽ انصاف کي خاڪ بنائي ڇڏي ٿو. سنڌ ۾ عورتن، معصوم ٻارن، اقليتن سان درندگي بند ڪئي وڃي. قانون سڀني لاءِ برابر آھي، انصاف سڀني لاءِ برابر آھي. ڪنھن بہ قتل يا جنسي ڏاڍائي جي واقعي کي غربت ۽ امير ھجڻ جي پسمنظر ۾ نہ ڏٺو وڃي، واقعي ۾ ملوث وحشي سمورن جوابدارن کي منطقي انجام تائين پھچايو وڃي. ھنن اڳواڻن وزير اعلي، چيف جسٽس ھاء ڪورٽ سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي تہ فوري طور ھن وحشتناڪ واقعي جو نوٽيس وٺي معصوم فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Sindhyani Tahreek
Hyderabad
QAT
0 تبصرے