ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي آزادي ڏهاڙي جي مناسبت سان سماجي تنظيم پاران ريلي ڪڍي وئي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران گريڪس ماڙي پور ۾ نڪتل ريلي ۾ شهرين جي شرڪت

ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي آزادي ڏهاڙي جي مناسبت سان سماجي تنظيم پاران ريلي ڪڍي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپوٽر) پاڪستان جي آزاديء جي ڏهاڙي جي مناسبت سان سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيء جي علائقي ماڙيپور گريڪس ۾ سماجي تنظيم شاھ عبدالطيف ڀٽائي ويلفيئر ايسوسيئشن جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي شروعات جسڪاڻي ميڊيڪل اسٽور کان ڪئي وئي ريلي مختلف روڊن ۽ رستن کان ٿيندي واپس گريڪس ۾ پڄاڻيء تي پهتي. شاندار ريلي ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي ويلفيئر جي صدر بشير سنجراڻي، پي پي اڳواڻ چوڌري سعيد اقبال، معاذ خان، شيرعلي جسڪاڻي، وسيم عطر بھراڻي، راشد بھراڻي، عبدالحق جسڪاڻي، ذوالفقار جسڪاڻي ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اڳواڻن چيو ته ملڪ جي آزاديءَ جي خوشي ملھائڻ اسان سڀني جي فرض ۾ شامل آھي. ھنن چيو ته ملڪ جي آزادي ۾ اسانجي وڏڙن ۽ پاڪ فوج جي جوانن جون قربانيون آھن.