سکر ۾ قتل ٿيل سينئر صحافي جان محمد مھر واري واقعي خلاف گمبٽ ۾ احتجاج

حق سچ لکڻ تي جان محمد مھر، اصغر کنڊ جھڙن بيباڪ صحافين کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو: قلم ڌڻي

سکر ۾ قتل ٿيل سينئر صحافي جان محمد مھر واري واقعي خلاف گمبٽ ۾ احتجاج

گمبٽ (زوھيب سمون ) سکر جي صحافي جان محمد مهر جي ناحق قتل خلاف صحافي برادري جو احتجاجي مظاهرو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو احتجاجي مظاهري ۾ کھڙا، اڳڙا، راضيديرو سميت ٻين پريس ڪلبن جي صحافين شرڪت ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي سينيئر صحافي شفيق احمد کھڙو، زاھد ڄامڙو، ڪشور ڪمار، ناظم ڄامڙو، حفيظ منگي، صفدر سھتو، حاڪم ڀٽي، اقبال ابڙو، لياقت چنه، جاويد ٻڌ فھيم احمد چنو. غلام اڪبر سمون سعيد سڪندر منگي فياض احمد رتڙ ادريس احمد سومرو. ۽ چيوته سنڌ صحافين لاءِ مقتل گاھ بڻيل آهي، حق سچ لکڻ تي سنڌ جي ناليواري بيباڪ سينيئر صحافي جان محمد مھر، اصغر کنڊ جھڙن کي گولين جو کاڄ بڻائي شھيد ڪرڻ بعد طاقتور ڌرين جي چوڻ تي پوليس ذاتي ۽ برادري تڪرارن جا الزام ھڻي شھيدن جو ناحق خون لوڙھيو ويندو آهي. ھنن وڌيڪ چيو ته شھيد صحافي جان محمد جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آھي. صحافي جي آواز کي ڪڏهن به نه ٿو دٻائي سگھجي. قلم ڌڻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور شھيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ۽ پونيئرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.