راڻيپور: حويلي ۾ تشدد جو نشانو بڻيل نينگري تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو

واقعي جون 2 وڊيوز وائرل ٿي ويون، ھڪ ۾ نينگري کي تڙپي فوت ٿيندي ۽ ٻي ۾ سندس جسم تي تشدد جا نشان نظر اچن ٿا

راڻيپور: حويلي ۾ تشدد جو نشانو بڻيل نينگري تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو

راڻيپور: حويلي ۾ مبينا تشدد جو شڪار ٿيل نينگري تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو، واقعي جي وڊيو وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾10 ورھين جي فاطمھ کي تڙپندي فوت ٿيندي ڏسي سگھجي ٿو، واقعي جو ھڪ ٻيو فوٽيج بھ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو جنھن ۾ نينگري جي جسم تي تشدد جا واضع نشان نظر اچن ٿا، معاملو سوشل ميڊيا تي اٿڻ بعد ڊي آءِ جي سکر توڙي ايس ايس پي خيرپور پاران ڌار ڌار نوٽِس ورتا ويا، ڊي آءِ جي سکر جي ھدايتن تي ايس ايس پي سکر راڻيپور پھچي نينگري جي وارثن کان تفصيل معلوم ڪيا، جڏھن تھ حويلي جي پيرن واقعي کي طبي موت قرار ڏئي ڇڏيو