راڻيپور واقعو ۽ صحافي جان محمد مھر جو قتل انڌير نگري چرٻٽ راجا جو چٽو ثبوت آھي: محمد حسين محنتي

15ورھين دوران عوام بنيادي انساني سهولتن کان به محروم ۽ ڪچي توڙي پڪي جي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي هو

راڻيپور واقعو ۽ صحافي جان محمد مھر جو قتل انڌير نگري چرٻٽ راجا جو چٽو ثبوت آھي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته راڻي پور ۾ نياڻي فاطمہ ڦرڙو سان درندگي جو واقعو ۽ صحافي جان محمد مهر جو بيدردي سان قتل سنڌ ۾ “ انڌير نگري چوپٽ راڄ” جو چٽو ثبوت آهي، ٻنهي واقعن ۾ ملوث ڏوهارين کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي، پ پ جي 15 سالن واري اقتداري دور ۾ عوام بنيادي انساني سهولتن کان به محروم ۽ ڪچي توڙي پڪي جي ڌاڙلين جي رحم ڪرم تي هو، ڪرپٽ قيادت ۽ مسئلن کان نجات جو واحد رستو ملڪ ۾ اسلامي نظام جو نفاذ ۽ ديانتدار قيادت جي چونڊ آهي. سانگهڙ ضلعو تيل، گيس سميت قدرتي وسيلن سان مالا مال، ڪپهه، ڪڻڪ ۽ ٻين زرعي فصلن جي پيداوار ۾ پاڪستان جي ٽاپ جي ضلعن ۾ شامل هئڻ باوجود اڄ کنڊر بڻيل آهي، گذريل پنجن سالن ۾ شهرن ۾ روڊ رستن سميت ڪوبه ترقياتي ڪم ڪونه ٿيو، اسڪولن ۾ شاگردن کي ڪتابن ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم رکيو ويو آهي، جيڪڏهن تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي مد ۾ ملندڙ اربين رپين جي رائلٽي جيڪا حڪمرانن جي کيسن ۾ هلي ٿي وڃي سانگهڙ ضلعي جي عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪئي وڃي ته سانگهڙ پاڪستان جو پيرس بڻجي سگهي ٿو.اهڙن خيالن جو اظهار هن سانگهڙ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته سونامي جي تباهي کان پوءِ رهيل ڪسر پي ڊي ايم شهباز پوري ڪري ڇڏي جنهن ڪري اڄ غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ به پريشان آهي. شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پي ڊي ايم حڪومت قرض جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، سندس 16 مهينن جو اقتدار 76 سالن تي ڀاري ثابت ٿيو، عوام 77 کرب کان وڌيڪ جو قرضي، اندروني ۽ بيروني قرض60 هزار839 ارب رپين تائين پهچي ويا جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ حڪومتي آمدن 9633 ارب جڏهن ته 16 هزار ارب کان وڌيڪ خرچ ڪيو ويو اهو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ عوام مٿان نوان ٽيڪس لڳائي سندن چيلهه چٻي ڪري ڇڏي جيڪو سراسر ظلم آهي. حڪومت غير ترقياتي خرچ گهٽائڻ، ڪفايت شعاري، مختصر ڪابينه ۽ بيوروڪريسي جون مراعاتون گهٽائڻ بدران سڄو سال بجلي، گيس، پيٽروليم مصنوعات مهانگي ڪري عوام مٿان بار وجهندي رهي. هڪ سوال جي جواب ۾ محمد حسين محنتي چيو ته نين حلقه بندين جو بهانو ڪري چونڊن ۾ دير ڪرڻ هرگز قبول ڪونه آهي، آئين موجب نوي ڏينهن ۾ نيون چونڊون ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي، نگران سرڪار کان اُميد آهي ته هو گڊ گورننس، ميرٽ، شفاف چونڊن لاءِ ڀرپور قدم کڻندي. هوڏانهن صوبائي امير شهدادپور، شاهپور چاڪر، کڏڙو، جهول ۽ ٽنڊو آدم ۾ دعوتي ۽ تنظيمي ميڙاڪن کي خطاب ۽ ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان تيارين جو جائزو پڻ ورتو، هن اڳوڻي ضلعي امير رفيق منصوري سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيت ۽ مغفرت جي دُعا پڻ ڪئي ان موقعي تي ضلعي امير عبدالغفور انصاري، جنرل سيڪريٽري ظهير جتوئي۽ ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ موجود هئا.#