ڏھرڪي ۾ شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

استادن پاران شاگردن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، تعليم کاتي کان ڪتابن جي گهر

ڏھرڪي ۾ شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڏهرڪي (نويد چغتائي) ڏھرڪي ۾ شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملڻ خلاف استادن جو شاگردن سان گڏجي احتجاج تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کان نوٽس وٺي جلد کان جلد شاگردن کي درسي ڪتاب فراهم ڪرڻ جو مطالبوخبر موجب ڏهرڪي ۾ تعليم کاتي پاران پرائمري ۽ ھائي اسڪول جي شاگردن کي مفت ۾ درسي ڪتاب فراهم نه ڪرڻ خلاف گذريل ڏينهن نه ملڻ خلاف شاگردن پاران استادن سان گڏجي مين پرائمري اسڪول ۽ هاءِ اسڪول جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي استادن عبدالغفار سومرو، عبدالرشيد ملڪ،شاگردن نادر حسين ملڪ ۽ ٻين چيو ته گرمي جون موڪلون ختم ٿيڻ تي اسڪولن ۾ نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ باوجود اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ هزارين شاگردن کي سنڌ سرڪار پاران مفت ۾ فراهم ڪيل درسي ڪتابون ملي ناهي سگهيون جڏهن ته مهانگائي سبب سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ هزارين شاگرن پاران ڪتابون خريد ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهن جنهن جي ڪري کيس تعليم تباه ٿي رهي آهي هنن تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي ڪتابون فراهم ڪيون وڃن جيئن اسان تعليم پرائي سگهون