ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو پاران پريڊي ٽريڪ جي ايس او خلاف ڪارروائي جو حڪم

ايس او امير منهاس خلاف سينئر صحافي ۽ جيملڪ جي سي اي او جاويد احمد ملڪ اي آءِ جي کي شڪايت ڪئي

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو پاران پريڊي ٽريڪ جي ايس او خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو سينيئر صحافي،ايڊيٽر ان چيف ڊيلي نيوز لارڪ، منٿلي ويڄ مئگزين ۽ جيملڪ جي سي اِي او جاويد احمد ملڪ جي شڪايت تي پريڊي ٽرئفڪ جي ايس او امير منهاس خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو ڪراچي پوليس جي چيف جاويد عالم اوڍي سان سينيئر صحافي ، ايڊيٽر چيف ڊيلي نيوز لارڪ ، منٿلي ويڃ ۽ جيملڪ جي سي اي او جاويد احمد ملڪ ملاقات ڪندي شڪايت ڪئي ته ايس او پريڊي ٽرئفڪ امير منهاس هن جي پارڪ ٿيل گاڏي لفٽ ڪرائڻ بعد ساڻس بداخلاقي ڪئي . سينيئر صحافي ، ايڊيٽر ان چيف ڊيلي نيوز لارڪ ، منٿلي ويڃ مئگزين ۽ جيملڪ جي سي اي او جاويد احمد ملڪ ٻڌايو ته ايس او نه رڳو ڏنڊ لڳايو پر ان سان گڏ بداخلاقي ڪئي . ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم احمد نواز چيما کي هدايت ڪئي ته ايس او امير منهاس خلاف ڪارروائي ڪري سينيئر صحافي جاويد احمد ملڪ جي شڪايت جو ازالو ڪيو وڃي . ياد رهي ته صدر واري علائقي پريڊ ٽرئفڪ جو ايس او امير منهاس شهرين کي تنگ ڪرڻ سان گڏ غلط ڏنڊ لڳائي رهيو آهي ، جنهن جون هزارين شڪايتون ڪيون پيون وڃن. ايس او پريڊي امير منهاس صدر ۾ ڪيتريون ئي غيرقانوني پارڪنگ قائم ڪرائي ڀتو وصول ڪرڻ سان گڏ روڊن تي بيٺل ريڙهي وارن کان به ڀتو وصول ڪري ٿو . بوهري بازار جي پارڪنگ مان به ايس او ڀتو حاصل ڪري ٿو