گڏاپ: نادرن باءِ پاس ڀرسان بند پيل اسڪولن بابت خبرن جو نوٽيس

ڊي او اولھ ۽ ٽي او منگھو پير پاران ٽائون جا مختلف بند پيل اسڪولن جا دورا ڪيا ويا

گڏاپ: نادرن باءِ پاس ڀرسان بند پيل اسڪولن بابت خبرن جو نوٽيس

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي نادرن باءِ پاس ڀرسان بند پيل اسڪولن جون خبرون اخبارن ۾ ھلڻ کانپوءِ ضلعي اولھ انتظاميه جاڳي پئي. ڊي او اولھ ۽ ٽي او منگھو پير ٽائون جا مختلف بند پيل اسڪولن جا دورا. بند پيل اسڪول کي جلد کولڻ جي جو اعلان. بابو پاتاڻي اسڪول کي پرائمري اسڪول مان اپ گريڊ ڪري مڊل تائين ڪري جو اعلان ڪري ڇڏيو. شفيع محمد شر جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت تعليم کي عام ڪرڻ لاء عملي قدم کنيا آھن، ضلع اولھ ۾ بند پيل اسڪولن کي کوليو ويو آھي ان موقعي تي نورالدين مستوئي چيو ته استادن سان گڏ والدين جي به ذميواري آھي ته ٻارن کي بهتر تعليم سان گڏ بهترتربيت به ڪن. محمد اصغر پاتاڻي جو چوڻ هو ته صحافين سنڌ جي مسئلن کي ايوانن تائين پھچائڻ ۾ پاڻ ملھايو آھي. جيسين تائين نئون سج موجود ھوندي. تيسيتائين مظلومن جو آواز ڪڏھن به دٻجي نه سگھندو تفصيل موجب. ڪراچي نادرن باءِ پاس ڀرسان بند پيل اسڪولن جون خبرون اخبارن ۾ ھلڻ کانپوءِ انتظاميه جاڳي پئي. ڊي او اولھ ڪراچي شفيع محمد شر. ٽي او منگھو پير ٽائون نورالدين مستوئي. اسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر محمد حسن گبول. يوسي 13 جي چيئرمين علي اڪبر بروھي. انجنيئر آصف علي. محمد اصغر پاتاڻي ۽ ٻين منگھو پير ٽائون جي مختلف ڳوٺن ۾ بند پيل اسڪولن جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول وندر خاصخيلي ڳوٺ(سانوڻ ڳوٺ) گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ملان حسين بروھي ڳوٺ ايٽ غلام قادر ڳوٺ. گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بابو پاتاڻي ڳوٺ پھچي ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊي او اولھ شفيع محمد شر. ٽي او نورالدين مستوئي. اسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر محمد حسن گبول صحافين سان ڳالهائيندي چيوته ضلعي اولھ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم کي عام ڪيو ويندو ۽ ھر هڪ ٻار کي تعليم جي روشني سان جرڪايو ويندو، سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي وڌ ۾ وڌ داخلا ڪرائڻ لاء مهم هلائي رھيا آھيون. سنڌ حڪومت تعليم کي عام ڪرڻ لاء عملي قدم کنيا آھن، ضلع اولھ ۾ بند پيل اسڪولن کي کوليو ويو آھي، جن اسڪولن ۾ استاد گهٽ آھن انهن اسڪولن ۾ وڌيڪ استاد مقرر ڪيا ويندا، هن چيو ته استادن سان گڏ والدين جي به ذميواري آھي ته ٻارن کي بهتر تعليم سان گڏ بهترتربيت به ڪن. ھنن وڌيڪ چيو ته گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بابو پاتاڻي کي اپ گريڊ ڪري مڊل تائين رکيو ويو آهي. جنھن سان منگھو پير ٽائون جي شاگردن کي تعليم جي بھتر سھولتون ميسر ٿينديون. گوسڙو استادن خلاف ڪاروائيون ڪيون وينديون. اسڪول جي حالت کي بھتر ڪرڻ لاء مرمتي ڪم. فرنيچر، واش روم سميت سموريون سهولتون ڏينداسين. ان موقعي تي يوسي وائيس چيئرمين انور بروھي. اقبال خاصخيلي ۽ پڻ موجود ھئا.