English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پيپلز پارٽي ٻيھر اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جا وسيلا وڪڻي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
152 views
|
07th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، آدمشماري جي نالي ۾ سنڌ تي حملو ڪيو ويو آهي
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ٻيھر اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جا وسيلا وڪڻي رھي آھي. سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، آدمشماري جي نالي ۾ سنڌ تي حملو ڪيو ويو آهي، پ پ پ جي سنڌ سرڪار اقتدار جي حوس خاطر سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھي آھي. ھنن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪو بہ واسطو ناهي، پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سدائين سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪئي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سڄي سنڌ ۾ جھر جھنگ، ڳوٺ ڳوٺ، شھر شھر وڃي سنڌ جي ماڻھن کي جاڳائي پئي، اسان مسلسل وڃي ڄاڳايون پيا. سنڌ جو ماڻھو پيار ڪري پنھنجي وسيلن سان، زمينن سان، شھيدن سان ۽ جلدي سجاڳ ٿي عملي جدوجھد جي ميدان تي نڪري، ھي مسلسل سنڌ جي ماڻھن کي جاڳائي بيدار ڪرڻ واري جدوجھد آھي، عوام کي پنھنجن حقن لاءِ گھڻي پاسائي جنگ وڙھڻ جي ضرورت آھي سنڌ جو ھاري مزدور استاد، شاگرد نوجوان عورت جيستائين پنھنجن حقن لاءِ اٿي کڙو نہ ٿيندو تيستائين ڪرپٽ مافيا حڪمرانن مان نجات نہ ملندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ گيس ڪوئلو، تيل سميت معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ شديد تڪليف ۽ سورن ۾ آهي سنڌي ماڻهن بيوس ۽ لاچار بڻيل آهن شاھوڪار ڌرتي جي ڌڻين جو ڪو والي وارث نہ آهي، پيپلزپارٽي پندرهن سالن کان ڪارڪردگي ناڪام ۽ ڪرپٽ رھي آھي پيپلزپارٽي مسلسل سنڌ جي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي سنڌي ماڻهن کي مسئلن ۽ مصيبتن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو آهي، مسڪين ماروئڙن جي ووٽ تي حڪمران بڻجي ويل نااھل، جاهل،ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمران ڪرپشن ڪرڻڻ ۾ پورا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Ayaz Latif Palijo
QAT
Sindhyani
Tahreek
Hyderabad
PPP
Sindh
0 تبصرے