English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
صوبي ۾ ڪرپشن ۽ ڪارڪردگي خلاف جماعت اسلامي وائيٽ پيپر جاري ڪندي: محمد حسين محنتي
91 views
|
06th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
گورک ھل کان وٺي ڪارونجهر تائين پ پ سنڌ جي وسيلن جي ڀيل ۽ تباھي بربادي کان سواءِ ڪجهه بہ ناھي ڏنو
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمدحسين محنتي سنڌ جي خوشحالي توڙي عوامي مسئلن جو واحد حل پ پ کان نجات قرار ڏيندي چيو آھي تو گورک ھل کان وٺي ڪارونجهر تائين پ پ سنڌ جي وسيلن جي ڀيل ۽ تباھي بربادي کان سواءِ ڪجهه بہ ناھي ڏنو . پ پ جي ڪرپشن ۽ ڪارڪردگي خلاف جماعت اسلامي جلد وائيٽ پيپر جاري ڪندي . ظالم وڏيري شاھي نظام سڄي سنڌ ۽ عوام کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آھي انڪري نظام ۽ قيادت جي تبديلي ۽ ملڪ ۾ قرآن ۽ سنت جي نفاذ کانسواءِ عوام جي تقدير نہ ٿي بدلجي سگهي . اھڙن خيالن جو اظھار ھن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي مجلس شوريٰ کي خطاب دوران ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي توڙي تنظيمي صورتحال تي غور سالياني بجيٽ جي منظوري سميت امن ، امان ، مھانگائي ، ڌاڙيل راڄ پ پ جي ڪارونجهر دشمني تي ٺھراءُ منظور ڪياويا. سنڌ جي امير جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ پ پ عوامي يا جمھوري جماعت نہ پر مينڊيٽ چور پارٽي آھي . جيڪا ھميشہ انتظامي مشينري ، طاقت ۽ ڌانڌلي ذريعي چونڊون کٽيندي آھي. جنھن جي ھڪ جهلڪ ڪراچي ميئرجي چونڊ ۾ سڄي قوم ڏسي چڪي آھي. ھن چيو تہ جماعت اسلامي چونڊن ذريعي ملڪ ۾ تبديليءَ تي يقين رکي ٿي . چونڊن جي ڀرپور تيارين سان گڏ ھڪ ميمبر تي گهٽ ۾ گهٽ 20 ھزار رپيا اليڪشن فنڊ پڻ رکيو ويو آھي . ان موقعي تي مجلس شوريٰ جي ميمبرن محمد يوسف چانڊيو نيو ڪراچي، نصرت اللہ گلبرگ ، عبدالجمل ڪورنگي ۽ ڊاڪٽر فواد احمد کي گلشن ٽائون جو ناظم ٿيڻ تي مبارڪباد ۽ سنڌ جي سوکڙي اجرڪ پارايا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
jamait islami
muhammad Hussain mahnti
0 تبصرے