علي محمد اڏيرائيء پنھنجي دور جو اھو عوامي شاعر ھيو جيڪو عام ماڻھن ۾ مقبول شاعر ھيو: مقرر
ٺٽو(ڊ ر) علي محمد اڏيرائي عام ماڻهن جي جذبن ء احساسن جو ترجمان شاعر ھيو جنھن عوامي ٻوليء ۾ شاعري ڪري ماڻھن جي دلين تي حڪمراني ڪئي،سنڌي ٻوليء جي بقا لاءِ سرڪاري اسڪولن کي مالڪي ڪرڻي پوندي اھڙيون ڳالھيون سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو ، لاڙپٽ جي عوامي شاعر علي محمد اڏيرائيء جي ٽين ورسيءَ جي موقعي تي گھوڙاٻاريء ويجھو تاريخي ۽ قديمي شھر ۾ اڏيرولال ۾ ساڃاھ وندن سان گڏجي سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙهي کيس ياد جا گلاب پيش ڪندي ڪيون،ان موقعي تي سماجي شخصيت رئيس علي احمد لاشاري ،محرم علي پنھور ،علمي ادبي شخصيت ۽ سوشل فورم گھوڙاٻاري جي روح روان فقير محمد ڀايل، مرحوم علي محمد اڏيرائيء جي ڀاء محمد ابراهيم کٽي، محمد يوسف لاشاري چيو ته علي محمد اڏيرائيء پنھنجي دور جو اھو عوامي شاعر ھيو جيڪو عام ماڻھن ۾ مقبول شاعر ھيو جنھن ڪيسٽي دنيا ۾ تمام وڏي مڃتا ماڻي پر ڪيسٽ ڪمپنين ھن جي شاعريءَ مان ڪروڙين روپيا ڪمايا پر آخر م ھن جي علاج توڙي ٻي ڪابه واھر نه ڪئي، ھنن گڏيل طور شاعرن ،اديبن ء فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ ماڻھن کي اپيل ڪئي ته اھي پنھنجي عروج جي وقت ۾ پنھنجي صحت توڙي دولت جي حفاظت پاڻ ڪن ته جيئن بزرگيءَ توڙي بيماريءَ جي حالت ۾ کين ٻين جي آڏو محتاجيءَ کان بچي سگھن.
0 تبصرے