English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ پاران ڪارونجھر جي ٻيھر نيلامي خلاف تحريڪ جو اعلان
views
|
30th Jul 2023
•
سنڌي خبرون
ڪارونجھر سنڌ جي تھذيبي ۽ ثقافتي ورثو آھي، پ پ حڪومت سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور آھي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ ڪارونجھر جي ٻيھر نيلامي خلاف 4 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ ريلين، مظاھرن ۽ ڌرڻن جو اعلان ڪيو آھن. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ڪارونجھر سنڌ جي تھذيبي ۽ ثقافتي ورثو آھي. پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ آصف زرداري ٽولو 15 سالن کان سنڌ تي قابض تي ھر شئي نيلام ڪري رھيو آھي. 18ھين ترميم جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي. بيھر اقتدار لاءِ 18ھين ترميم تان ھٿ کڻي سنڌ جا وسيلا وفاق کي ڏنا ويا. ڪڏھن ٻيٽن جو سودو، ڪڏھن بندرگاهن جو سودو، ڪراچي، ڪوھستان، ساحلي پٽي لينڊ مافيا حوالي ڪئي وئي آھي. گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ٻيا ڌاڙيل واھ تعمير ڪرائي پيپلز پارٽي حڪومت سنڌو درياھ سڪائي ڇڏيو آھي. تيل، گئس، ڪوئلو ھجڻ باوجود سنڌ جا ماڻھو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. زرخيز زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون آھن. صنعتي ادارا ختم ٿي ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار خاطر جيڪا بہ جوڙ توڙ ڪري سندن مرضي آھي پر اقتدار خاطر سودي ۾ سنڌ جي وحدت، مالڪي ۽ وسيلا وڪڻڻ کي سنڌ جو عوام ڪڏھن بہ قبول نہ ڪندو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارونجھر جي نيلام خلاف 3 آگسٽ تي مٺي ۾ جلسي عام ڪيو ويندو ۽ 4 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ ريليون، مظاھرو ۽ ڌرڻا ھنيا ويندا. سنڌ جو لکين عوام ڪارونجھر جي نيلام کي رد ڪري چڪو آھي. جيڪڏھن پ پ حڪومت ڪارونجھر جي نيلامي بند نہ ڪئي تہ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Aug 2025
•
سندھ
سندھ میں مہنگائی کا سبب کرپشن اور ناقص گورننس ہے، نظام وقیادت کی تبدیلی ناگزیرہے، اسد اللہ بھٹو ایڈوکیٹ
18th Aug 2025
•
سندھ
عہد کریں ،علم کی روشنی کو عام کرینگے، سید امتیاز الحق بخاری
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي کان اسلام آباد لاءِ نڪتل آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو قافلو نوشهروفيروز پهتو
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ گسٽا سنڌ ۽ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گسٽا، پ ٽ الف ۽ بين استاد تنظيمن جي سڏ تي مظاهرا
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي 14هين ڏينهن به مظاهرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Ayaz
Latif
Palijo
QAT
sindyani tahreek
karonjhar
0 تبصرے